Friday , March 29 2024

سنڌ جي وڏي وزير کي صوبي جي راڄڌاني ۾ ٿيل سري عام قتل بابت 6 ڏينهن بعد خبر پئي؟

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) هڪ هفتي کانپوءِ نيٺ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ارشاد رانجهاڻي جي سري عام روڊ تي فائرنگ ڪري مرڻينگ ڪرڻ بعد کيس اسپتال منتقل نه ڪرڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي، وڏي وزير ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ بعد سنڌي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جهڙي تقرير ڪري ميار لاهي ڇڏي آهي. مراد علي شاهه سومر ڏينهن اجلاس ۾ تقريرڪندي چيو ته، سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ پوليس اسٽيٽ بڻجڻ نه ڏينداسين، رحيم شاهه سان گڏ پوليس اهلڪار به ارشاد جي قتل ۾ ملوث آهن، ڪنهن ٻئي قتل ڪيس داخل نه ڪيو ته مان پاڻ فريادي ٿيندس. اجلاس دوران ايم ايم اي جي ميمبر عبدالرشيد جي ارشاد رانجهاڻي جي قتل واري واقعي بابت پوائنٽ آف آرڊر تي جواب ڏيندي ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پوليس کي جاچ لاءِ چئون ٿا ته چيو وڃي ٿو ته پوليس تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، وڌيڪ ڳالهائيندس ته توهين عدالت جي زمري ۾اچي ويندو، هن چيو ته ارشاد رانجهاڻي جي واقعي جو 24 ڪلاڪن ۾ نتيجو نه آيو ته پوءِ جڊيشل انڪوائري لاءِ لکيو. قتل ٿيو آهي، پوليس ان ۾ ملوث آهي، آئون چوندس ته انسانيت ئي مري وئي آهي. وڏي وزير چيوته ماڻهو ڀلي چور هجي پر ان کي 5 گوليون لڳيون، تڙپندو رهيو پر ڪنهن کي نظر نه آيو، پوليس ٻڌايوته هو ڦورو هو، پر وڊيو ۾ صاف ظاهر آهي ته قاتل بندوق کڻي گاريون پيو ڏئي، ان 5 گوليون به هنيون. وڏي وزير چيو ته ارشاد رانجهاڻي جو واقعو 4 لڳي 45 منٽن تي ٿيو، ايمبولينس 5 وڳي آئي، پوليس 5 لڳي 5 منٽن تي پهتي، جيڪا زخمي کي اسپتال کڻي وڃڻ بدران ٿاڻي تي کڻي وئي ۽ ساڍي 5 وڳي ٿاڻي کان اسپتال ڏانهن کنيو. کيس 6 لڳي 37 منٽن تي اسپتال پهچايو ويو، اها پوليس جي مجرماڻي غفلت آهي، ان غفلت ۾ملوث پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

وڏي وزوير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن تي ايف آءِ آر داخل آهي ته پوءِ ڇا ڪنهن کي اجازت ڏئي سگهجي ٿي ته اهو جنهن تي ڪيس آهي ان کي ڀلي گوليون هڻي، هن چيوته سنڌ ۾ پوليس آزاد آهي، پر پوليس ۾ انسانيت نه رهي آهي، الله جو خوف ختم ٿي ويو آهي. مون آءِ جي پوليس کي سخت حڪم ڏئي ڇڏيا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ بدلي نه ڪري سگهڻ واري معاملي تي به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ آءِ جي کي هٽايو وڃي ٿو، پنجاب ۾ مهيني ۾ ٻه آءِ جي تبديل ٿي وڃن ٿا، اتي ڪا ڳالهه نه آهي، سنڌ لاءِ الڳ قانون آهي.

سنڌ اسيمبلي جي قانون کي ختم ڪري پوليس آفيسرن جي بدلين ۾ عدالتي حوالو ڏنو وڃي ٿو، هن چيو ته پوليس آفيسرن جو مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻو پوندو سنڌ اسيمبلي قانون پاس ڪيو ته زخمي کي ٿاڻي بدران خانگي يا سرڪاري اسپتال پهچايو ويندو، پوليس قانون جو تحفظ ڪرڻ بدران مجرماڻي لاپرواهي ڪري رهي آهي، وڏي وزير چيو ته مخالف ڌر وارن کي هتي هجڻ گهرجي ها ٻڌم ته هڪ ميمبر گوڙ ڪيو ۽ پوءِ مخالف ڌر وارا احتجاج ڪري هليا ويا.  وڏي وزير وزيراعظم عمران خان کي ميثاق جمهوريت عمل ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو ته عمران خان اچي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف سان ميثاق جمهوريت تي صحيح ڪري ته پوءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج، ملير پوليس جوابدار کي بچائڻ ۾ لڳي وئي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *