Friday , March 29 2024

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي شهر ۾ انتظاميا پاران ذميوارين جو اعليٰ ترين مثال، انساني عضوا گند جي ڍير تي..!!

bodies picesc3 murad shah in SA

گذريل خميس واري ڏينهن جي شام جو قلندر شهباز جي مزار تي ٿيل آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿي ويل زائرين جي جي جسمن جي عضون جا ٽڪرا گند جي ڍير تگي اڇلايا ويا. سيوهڻ جي پوليس ۽ تعلقي توڙي ڄامشورو ضلعي جي انتظاميا سنڌ حڪومت جي ساڍن 8 سالن جي ڪارڪردگي جو اعليٰ مثال پيش ڪيو. انتظاميا قلندر جي درگاهه ۾ ڌماڪي بعد ان جي صفائي دوران شهيد ٿي ويل ماڻهن جي جسمن جا عضوا به گڏ ڪري دفنائڻ  جي تڪليف بنهه نه ڪئي ۽ اهي انساني عضوا گند جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيا.

bodies picesc2

راتين جو ڪراچي شهر جي مختلف علائقن جو دوري بهاني پڪنڪ ملهائيندڙ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اباڻي ضلعي جي شهر سيوهڻ ۾ دهشتگردن پاران ڪيل ڪهر کانپوءِ به نه ته وڏي وزير کي ڪو هوش آيو نه ئي وري اتان جي انتظآميا کي.

ڄامشورو جو ڊپٽي ڪمشنر به انساني عضوا ڍير تي اڇلائڻ جا مختلف ڪارڻ بيان ڪري رهيو آهي، پر هو ان عمل تي پشيمان بلڪل ناهي.

سنڌ جاماڻهو سوال ڪن ٿا ته پيپلز پارتي آخرڪار ساڻن اهي قهر ڪهڙي ڏوهه جي سزا طور ڪري رهي آهي.

سٽون-اصغر آزاد- ايڊمن

www.sindhsamaachar.com

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *