Wednesday , April 24 2024

سنڌ جي نگران حڪومت سرگرم، 137 اسسٽنٽ ڪمشنرز جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ جي نگران حڪومت صوبي اندر وڏي پئماني تي انتظامي تبديليون ڪندي 137 اسسٽنٽ ڪمشنرز کي بدلي ڪري ڇڏيو آهي، عام انتظامن واري کاتي پاران ساڳين اي سيز کي هڪ ضلعي مان بدلي ڪري ٻئي ضلعي ۾ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. تبديل ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي نگران حڪومت اڳوڻي پ پ حڪومت دوران مختلف ضلعن ۾ مقرر ڪيل اسسٽنٽ ڪمشنرز کي هڪ ضلعي مان بدلي ڪري ٻئي ضلعي ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. خدمتن ۽ عام انتظامن واري کاتي ( ايس اينڊ جي اي ڊي) جي نوٽيفڪيشن پاران ذوالفقار علي مڱريو اسسٽنٽ ڪمشنر ڇاڇرو، عمر لياقت رنڌاوا اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ، سيد محمد علي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور خاص مقرر ڪيا ويا آهن. مقصود احمد قريشي کي اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو ميرپور خاص، ساره جاويد کي اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد سٽي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سليم جتوئي کي اسسٽنٽ ڪمشنر دادو، خالد محمود بلوچ کي اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ ۽ عبدالستار هڪڙو کي اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو جي چارج ڏني وئي آهي. وسيم الدين اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو سکر، غلام شبير جسڪاڻي اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور ۽ گدا حسين سومرو اسسٽنٽ ڪمشنر نيو سکر مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. عبدالڪريم سنگراسي اسسٽنٽ ڪمشنر شهدادڪوٽ، نثار احمد ميمڻ اسسٽنٽ ڪمشنر سکر سٽي ۽ ذوالفقار علي نظاماڻي اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ۽ غوث بخش جتوئي اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهرو فيروز مقرر ڪيا ويا آهن. نور احمد کهاوڙ اسسٽنٽ ڪمشنر صدر ڏکڻ ڪراچي، محمد خان کٽي اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد ۽ سيد يار علي شاهه کي ٽنڊو محمد خان جي چارج ڏني وئي آهي. سردار احمد قاضي اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور، ناصر احمد عباسي اسسٽنٽ ڪمشنر جيڪب آباد ۽ همير احمد ميمڻ کي اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *