Thursday , April 25 2024

سنڌ جي قومپرست، سياسي سماجي تنظيمن ۽ سڄاڻ ڌرين پاران احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان

ٻيٽن تي قبضي خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائينداسين: سيد جلال محمود شاهه / محمد علي  شاهه

ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، انهن تي وفاقي اٿارٽي قائم ڪرڻ غير آئيني ۽ غيرقانوني آهي: عبدالخالق جوڻيجو / ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ جِي قومپرست جماعتن ۽ سڄاڻ ڌرين  وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ  لاءِ جوڙيل اٿارٽي کي مڪمل طور رد ڪندي اهڙي فيصلي خلاف ڀرپور پرامن احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان فشر فوڪ فورم جي ميزباني هيٺ ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ صلاح مشورن لاءِ ٿيل گڏجاڻي ۾ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، جيئي سنڌ محاذ  جي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو، ڪراچي ڊولپمينٽ فورم جي ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ، عاجز جمالي، نامياري دانشور آءِ اي رحمان سميت مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي.  سيمينار ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻيٽن تي وفاقي سرڪار جي قبضي ۽ سنڌ حڪومت جي خاموشي واري معاملي تي احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، تحريڪ هلائڻ لاءِ پاڪستان فشر فوڪ فورم جي سربراهه محمد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن جو جلد اجلاس سڏائي احتجاج بابت طريقيڪار جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاهه چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، ان جو اڃا تائين موقف سامهون ناهي آيو جيڪو انتهائي حيرت ۾ وجهندڙ ۽ پريشان ڪندڙ آهي، هن چيو ته پ پ کي سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ هن معاملي تي ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي، سيمينار ۾ جيڪي به فيصلا ٿيا آحن ايس يو پي انهن سان متفق آهي ۽ تحريڪ ۾ به هر طرح جو ساٿ ڏيندي. اجلاس س کي خطاب ڪندي عبدالخالق جوڻيجو چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ ان سان گڏ سمنڊ مان نڪرندڙ سموري زمين به آئيني، قانوني، اخلخاقي ۽ فطري اصولن تحت سنڌ جي ئي ملڪيت آهي، انهن تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. سيمينار کي خطاب ڪندي گل حسن ڪلمتي، الاهي ب خش بڪڪ، سيد خداڏنو شاهه، آءِ اي رحمان ۽ ٻين پيپلزپارٽي تي آئيلينڊ اٿارٽي جَي قيام خلاف پارليامينٽ ۾ احتجاج ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته اسان آئيلينڊ اٿارٽي وارو آرڊيننس کي رد ڪيون ٿا، ٻيٽ ۽ سامونڊي ڪنارو صرف سنڌ جي ملڪيت آهن، جن تي ڪيل قبضي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريو ويندو ۽ جيڪا به جدوجهد ٿيندي ان ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. هنن چيو ته گورنر ۽ صدر کي سنڌ جَي ٻيٽن بابت فيصلا ڪرڻ جو ڪوبه اختيار نه آهي، هنن چيو ته سنڌ جَي وسيلن تي قبضن جِي سازش ناڪام بڻائڻ لاءِ قانوني دڳ اختيار ڪرڻ سان گڏ پارليامينٽ ۽ رستن تي به جدوجهد ڪرڻي پوندي، سنڌ حڪومت کي ٻيٽن ۽ آئيلينڊ اٿارٽي جَي قيام تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي.

صدارتي آرڊيننس تحت سنڌ جو بُنڊار ۽  ڏنگي سامونڊي ٻيٽ وفاق جي ملڪيت ٿي ويا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *