Saturday , April 20 2024

سنڌ جي عوامي ردعمل آڏو پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت بيوس بڻجڻ لڳي

سنڌ حڪومت وفاق کي ڏنگي ۽ بُنڊار ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ/ترقياتي منصوبن لاءِ ڏنل اين او سي واپس وٺي ڇڏي

وفاقي سرڪار غيرآئيني طور آئيلينڊ اٿارٽي جو آرڊيننس جاري ڪيو، ٻيٽ ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ صوبائي حدن سان به هٿ چُراند ڪئي: لينڊ يوٽيلائيزيشن جو نئون خط

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران ڏنگي ۽ بُنڊار ٻيٽ وفاقي حڪومت حوالي ڪرڻ خلاف سنڌ جي عوام، سڄاڻ ڌرين ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي سخت ردعمل کانپوءِ آهستي آهستي قبوليندي پوئتي هٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ/ترقياتي منصوبن لاءِ ڏنل اين او سي واپس وٺي ڇڏي آهي. ڪابينا پاران صدارتي آرڊيننس رد ڪرڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي ڏنل اين او سي به واپس وٺي ڇڏي آهي. ٽي مهينا اڳ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت هڪٻئي سان ڪيل خط ڪتابت ذريعي سنڌ سامونڊي ٻيٽن کي وفاق حوالي ڪرڻ وارو صدارتي آرڊيننس ذريعي آئيلينڊ اٿارٽي قائم ٿيڻ تي راز ڦاٽڻ کانپوءِ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پنهنجن فيصلن تان آهستي آهستي پوئتي هٽڻ شروع ڪري رهي آهي، جنهن سان سن ڌ سرڪار اڻسڌي طرح سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ڪيل ويساهه گهاتي به قبول ڪرڻ شروع ڪئي آهي.

سنڌ حڪومت پاران لينڊيوٽيلائيزيشن کاتي جي سيڪريٽري پاران اين او سي رد ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي خط اماڻي ڇڏيو آهي. سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن پاران اُماڻيل خط ۾ آئيلينڊ اٿارٽي وارو آرڊيننس غير آئيني ۽ صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت قرار ڏنو ويو آهي، نئين ليٽر ۾ سنڌ سرڪار چيو آهي ته اسان نيڪ نيتي سان ٻيٽن تي شهر اڏڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي گذارش ڪئي هئي، وفاقي سرڪار غيرآئيني طور آئيلينڊ اٿارٽي جو آرڊيننس جاري ڪيو ۽ ٻيٽ ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اُن سان گڏ صوبائي حدن سان به هٿ چُراند ڪئي وئي آهي، سنڌ سرڪار پنهنجي ليٽر ۾ آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته غيرآئيني ۽ بدنيتي تي ٻڌل قدمن سبب سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو ته ٻيٽن جي ترقي لاءِ هاڻي وفاقي حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ڪيون وينديون، 6 جولاءِ تي وفاقي سرڪار ڏانهن اُماڻيل ليٽر کي بي اثر سمجهيو وڃي.

سنڌ حڪومت ٻيٽن بابت لک پڙهه ٽن مهينن کان لڪائيندي رهي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *