Saturday , April 20 2024

سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن ختم ڪرڻ جو فيصلو

نون ڀرتي ٿيندڙ ملازمن لاءِ وقت کان رٽائرمينٽ ۽ پينشن لاءِ نوان ضابطا لاڳو ٿيندا، سنڌ ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) رٽائر ٿيندڙ سنڌ حڪومت جا ملازم حڪومتي خزاني تي بار بڻجي ويا، سنڌ ڪابينا پينشن ختم ڪرڻ جو فيصلو، وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جو آپشن ختم ڪري نئون طريقيڪار رائج ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومتي خزاني تان بار هٽائڻ واري ايجنڊا سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويو، سنڌ ڪابينا سرڪاري ملازمن  جي پينشن بابت سڌارن لاءِ پيش ڪيل تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن مطابق ملازمن جي وقت کان اڳ رٽائرمينٽ واري پاليسي ختم ڪري ان کي مشروط ڪيو ويو آهي، نئين منظور ڪيل پاليسي مطابق وقت کان اڳ رٽائرمينٽ لاءِ 25 سال سروس ۽ 55 سال عمر جي حد مقرر ڪئي وئي آهي.

ڪابينا کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت جي موجوده سرڪاري ملازمن جو تعداد 4 لک 99 هزار 182 آهي، جن جي پگهارن جي مد ۾ هر مهيني 23 ار 9 ڪروڙ رپيا ادا ڪئي پئي وڃي.

سنڌ ڪابينا جي اجلس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هن وقت رٽائر ملازمن کي پينشن جي مد ۾ 13 ارب 30 ڪروڙ رپيا پينشن بل ٺهي ٿو جنهن کي گهٽ ڪري خزاني تان بار گهٽ ڪرڻ ضروري ٿي ويو آهي، جيڪڏهن پينشن بل ۾ سڌارا نه آندا ته پوءِ ايندڙ ڏهه سالن ۾ پينشن پگهارن کان به وڌي ويندي. سنڌ ڪابينا پينشن ۽ ملازمن جي وقت کان اڳ رٽائرمينٽ بابت سڌارن وارين تجويزن جي منظوري ڏني وئي، جنهن مطابق وقت کان اڳ رٽائرمينٽ لاءِ ملازمت جو گهٽ ۾ گهٽ مدو 25 سال ۽ عمر جي حد گهٽ ۾ گهٽ 55 سال مقرر ڪئي وئي، جنهن سان حڪومت تي 4 کرب 33ارب 30 ڪروڙ رپين جو بار گهٽجي ويندو. اجلاس ۾ ان تجويز جي به منظوري ڏني وئي آهي ته پينشن آخري حاصل ڪيل پگهار بدران ٽن سالن جي پگهار جي اڌ جي حساب سان لڳائي ويندي، ان سان به سنڌ جي خزاني تي ٽي کرب 48 ارب 80 ڪروڙ رپين جو بار گهٽجي ويندو. پينشن کي فوري طور تي ڪٽنب ۾ شامل فردن تائين ئي محدود ڪرڻ جي  منظوري ڏني وئي، جنهن تحت فيملي پينشن گهر واري/ مڙس يا  پٽ جي اولاد جنهن جي عمر21 سالن کان گهٽ هوندي انکي ئي ڏني ويندي. رٽائرمينٽ ۽ پينشن جي نئين سڌارن واري پاليسي نون ڀرتي ٿيندڙ ملازمن تي ئي لاڳو ٿيندي.

فيض گنج ۾ پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي اڳواڻن جو اتحاد

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *