Thursday , March 28 2024

سنڌ جي دانش ۽ ساڃاھ جي ٻهروپيت پڌري ٿي پئي – باسط جروار

سنڌ جي دانش ۽ ساڃاھ جي ٻهروپيت پڌري ٿي پئي – باسط جروار

بئريسٽر ضمير گهمرو جي ڪاوش ۾ پ پ جي حڪمراني ۽ صوبائي خودمختياري جي حق ۾ لکيل آرٽيڪل کانپوءِ سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي حلقن ۾ چئن ڏينهن کان ٻائيتال متل آهي. انهن ٻائيتالين کي ضمير گهمرو پنهنجي ليکي فيس بڪ تي ته جواب ڏئي چڪو آهي پر، لڳي ٿو ته اڃان اهو بحث جاري رهندو. ٻه ڏينهن اڳ ڪاوش ۾ جامي چانڊيو به ضمير کي پنهنجي ليکي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر، هو پاڻ ٻه چار ڏينهن اڳ دادو واري پاسي مخدوم بلاول تي ٿيل سيمينار ۾ پ پ جي هڪ وزير جي بنا ساهي ساراهه ڪري رهيو هو. جيڪڏهن ضمير گهمرو پ پ سرڪار جي دفاع ڪرڻ ڪري ڏوهي آهي ۽ هن کي جامي پنهنجي مضمون ۾ سنڌ ۾ موجود خراب حڪمراني جون هزار خرابيون ياد ڏياريون آهن ته، پوءِ جامي صاحب پنهنجي ان وزير دوست کي به هڪ مضمون لکي سنڌ ۾ موجود خرابيون ڇو نٿو ياد ڏياري؟ ڇا اها ٻهروپيت ناهي؟

ٿر ۾ هلندڙ سال جي شروعاتي ٽن مهينن اندر رڳو مٺي جي اسپتال ۾ بقول سنڌ جي سيڪريٽري صحت جي 183 ٻارڙا مري ويا آهن ته ان تي سنگت جو لاڏلو وزير اسيمبليءَ ۾ نٿو ڳالهائي، سنڌ جي ماڻهن کي جي موجوده حڪومت گٽرن جو پاڻي پئي پيئڻ لاءِ مهيا ڪري، ان تي به اهو وزير صاحب خاموش آهي، جنهن جو جامي جهڙا دوست ڪو پروگرام مس ڪرڻ نٿا چاهين.

آخر اهو وزير به ته پ پ سرڪار جو حصو آهي، جي ٻيو ڪجهه نٿو ڪري سگهي گهٽ ۾ گهٽ ڄاڻايل مسئلن جي اسيمبليءَ ۾ نشاندهي ته ڪري سگهي ٿو. باقي هي ايوان ڊگها نظم پڙهڻ لاءِ ناهن ٺهيا، جتي ڪاميٽين وارن جو وزير هر ٽئين مهيني شاعراڻيون ۽ بنا تياري واريون تقريرون ڪري سنگت کان داد وصول ڪندو رهندو آهي. ضمير جي آرٽيڪل تي ۽ پ پ جي خراب حڪمراني تي گهٽ ۾ گهٽ انهن مان ته ڪو نه لکي، جيڪي سنڌ حڪومت جي سرڪاري ڪاميٽين ۾ ويٺل آهن ۽ پ پ حڪومت جي خرچ تي ٿيندڙ ڪو پروگرام هٿان وڃڻ نٿا ڏين.

جيڪڏهن سنڌ ۾ سٺي حڪمراني قائم ڪرائڻ جو راءِ عامه جوڙيندڙ طبقي جي ڪجهه دانشورن ۽ ليکڪن کي واقعي به ايترو ئي فڪر آهي ته، هو ان جي شروعات پهريان ان کاتي کان ڪرائين جنهن جي سرڪاري ڪاميٽين، مختلف ٺيڪن ۽ ٻين نشستن ۾ هو پاڻ حصيدار آهن. ثقافت کاتي جي خراب انتظامڪاري جو ويجهو مثال سنڌي ادبي سنگت وارو مامرو آهي ۽ رڳو ادبي سنگت جي آفيس جو ٺيڪو ئي سيپرا (سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي) جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي نه ڏنو ويو آهي پر، ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ٺيڪا آهن، جن ۾ بي ضابطگين ٿيڻ جون خبرون اچي رهيون آهن. جڏهن ڪاميٽين ۾ ويٺلن تي راءِ ٿي ڏجي ته اهي اخلاقيات جا درس ڏيڻ شروع ٿي ٿا وڃن. وٽن دليل اهو هوندو آهي ته فلاڻو وزير اسان جو دوست آهي. ساڳيا مونجهارن جا ماريل ماڻهو آدرشن، نظرين، خيالن ۽ وطن جون ڳالهيون ته وڏيون ٿا ڪن، پوءِ انهن ڳالهين ۽ دليلن جي اڳيان دوستي ته صفا ننڍڙي شيءَ آهي. اهو ته سٺو ٿيو جو سنڌ جي ماڻهن جي ڏکن ۾ راتو ڏينهن روئندڙ اهڙن ليکڪن مان ڪنهن جو آصف زرداري، رحمان ملڪ، سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه ۽ موجوده وڏو وزير دوست ناهن. نه ته اهي ته پ پ قيادت ۽ پ پ جي طرز حڪمراني لاءِ ضمير کان به وڏا دليل گهڙڻ جا ماهر آهن، رڳو کين فن ڪمال ڏيکارڻ جو ”ادي“ ۽ ”اديءَ“ وٽ موقعو ملي ها.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *