Friday , April 19 2024

سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويو

امڙ سميت سمورن گهر ڀاتين جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائيندس: عمران اسماعيل

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ جو جو گورنر عمران اسماعجيل به ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، عمران اسماعيل چيو آهي ته گذريل ڏينهن امڙ گهر آئي هئي جنهن سان گڏجي افطار ڪئي هئي ان بعد کنگهه ۽ بخار ٿيڻ تي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا مثبت آئي آهي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته، گذريل ڏينهن ڪرونا جي ڪرايل ٽيسٽ رپورٽ مثبت اچي وئي آهي، جنهن بعد پنهنجو پاڻ ئي آئسوليشن ۾ هليو ويو آهيان، پنهنجي امڙ سميت سمورن گهر ڀاتين جي به ڪرونا ٽيسٽ ڪرائيندس. گورن چيو ته، الله ڪريم آهي، انشاءَ الله ڪورونا وبا کان جنگ کٽي ڏيکاريندس، عمران خان ڏکئي وقت سان وڙهڻ جي سکيا ڏني آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل گذريل ڪجهه ڏينهن دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، فردوس شميم نقوي، علي پلهه، عبدالرزاق ميمڻ، ڊي سي ۽ ڪمشنر حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ڄامشورو ۽ مٽياري جي ڊي سيز سميت انهن ضلعن جي اهم ۽ ذميوار ڪامورن سان به ملاقاتون ڪيون آهن، سنهن سڀني سميت جن جن به گورنر سان ملاقات ڪئي هئي اُهي سڀئي پريشانين ۾ وٺجي ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته گورنر سان ملاقات ڪندڙ اهم ڪامورن کي ڪرونا وائرس جون علامتون هيون پر انهن ان کي نارمل ورتو هو پر گورنر جي ٽيسٽ مثبت اچڻ بعد اُهي به پريشاني ۾ وٺجي ويا آحن ۽ ڪرونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *