Friday , April 19 2024

سنڌ جا سمورا تعليمي ادار 15 ڏينهن لاءِ بند ٿي ويا

ڪرونا وائرس جو خوف سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا 13مارچ تائين بند رکڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سرڪار ڪرونا وائرس کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ صوبي جا سمورا نجي ۽ سرڪاري ادارا 13 مارچ تائين بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، 13 مارچ تائين موڪلن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، 14 ۽ 15 مارچ تي ڇنڇر ۽ آچر هجڻ ڪري تعليمي ادار 16 مارچ تي کلندا. آچر ڏينهن پهرين مارچ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪرونا وائرس جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن دوران صوبي سميت ملڪ اندر ڪورونا وائرس جا 4 ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ واري صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، لاڳاپيل اختيارين اجلاس کي ڪورونا وائرس جي حوالي سان آگاهي ڏني، جڏهن ته ڪورونا جي شڪي ڪيسن جي چڪاس ۽ وائرس جي امڪاني طور وڌيڪ پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ مختلف جو رخن جو ورتو ويو. اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير پاران اڳ ۾ ئي بند ڪيل سنڌ جي سمورن نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارن کي وڌيڪ ٻن هفتن لاءِ  بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سمورا تعليمي ادارن ۾ 13 مارچ تائين موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، واضح رهي ته ملڪ اندر ڪورونا جا 2 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد گذريل خميس کان تعليمي ادارا بند رکيا ويا، 14 ۽ 15 مارچ تي ڇنڇر ۽ آچر هجڻ ڪري هاڻي نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادار 16 مارچ تي کلندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *