Thursday , April 25 2024

سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿارٽي جي نااهلي، خاندان اجاڙي ڇڏيا، هڪ ڪٽنب جا 9 ڀاتي فوت

سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿارٽي جي نااهلي، خاندان اجاڙي ڇڏيا، هڪ ڪٽنب جا 9 ۽ ٻئي گهر جا 4 ڀاتي فوت، ڪارروائي رڳو ننڍن ملازمن خلاف ٿي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) ڪراچي جي گوليمار واري علائقي ۾ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 9 ڀاتين سميت 18 ڄڻا فوت، امدادي ڪارروايون اڃاتائين مڪمل ٿي نه سگهيون، فوت ٿي ويل هڪ ئي ڪٽنب جي 9 ڀاتين جي جي جنازي نما ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويندا. ڪراچي جي ڳتيل آبادي واري علائقي گوليمار ۾ ٻه ڏينهن اڳ عمارت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويل هڪ ئي ڪٽنب جي 9 ڀاتين جي جنازي نماز کجي گرائونڊ ۾ ادا ڪئي، جنازي نماز ۾ علائقي واسين ۽ شهر جي مختلف علائقن مان آيل ماڻهن به وڏي انگ شرڪت ڪئي، جنازي نماز وقت کجي گرائونڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج جا جوان، رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جو وڏو انگ مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ جمعي جي نماز کانپوءِ ساڳئي  عمارت جي رهائشي هڪ ئي ڪٽنب جي چئن گهر ڀاتين جي نعمان مسجد ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. واقعي ۾ فوت  ٿي ويل عورت  شهلا فرحان سندس ٻن معصوم نياڻين جي به جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه دفنايا ويا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ٻن ڏينهن گذرڻ باوجود به امداد ڪارروايون مڪمل ناهن ٿي  سگهيون.

پورٽ قاسم ۾ اينگرو پوليمرز ڪيميڪل انڊسٽريز ۾ باهه، 5 پورهيت سڙي فوت

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *