Friday , April 26 2024

سنڌ بئراج سنڌ دشمن منصوبو آهي: نواب يوسف ٽالپر

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سينئر سياستدان ۽ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر چيو آهي ته، سنڌو درياءَ جي ڊائون اسٽريم تي اڏجندڙ سنڌ بئراج سنڌ دشمن منصوبو آهي. اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي پاڻي واري وزارت بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر، ڪميٽي جي اجلاس ٿو، سندس صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ نون ليگ جي ايم اين اي ۽ ڪميٽي جي ميمبر مريم اورنگزيب ۽ ٻين ميمبرن به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پاڻي وسيلن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا شريڪ نه ٿيو، جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ذريعن موجب اطلاع باوجود  واپڊا جو چيئرمين بهاجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو. اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته، وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت جي راضپي کانسواءِ سنڌ بئراج جي اڏاوت واري منصوبي تي تيزي سانن ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ بئراج مڪمل طور تي سنڌ دشمن منصوبو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ نه ٺهڻ گهرجي. نواب يوسف ٽالپر چيو ته، سنڌ بئراج جي منصوبي تي سنڌ جي راضپي بنا ڪم ڪرڻ صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت آهي، هن چيو ته سنڌ بئراج بابت واپڊا کان ڪيترائي ڀيرا اهم سوال ڪيا آهن پر عجب جهڙي ڳالهه آهي ته، واپڊا اسان جي سوالن جو ڪو به جواب ناهي ڏنو. نواب يوسف ٽالپر چيو ته ٽيليميٽري سسٽم جي لاءِ سمورا صوبا راضي آهن پر پنجاب ان جي مخالفت ڪري رهيو آهي، پنجاب ۽ سنڌ کي ارسا سان گڏجي ويهي ان مسئلي کي حل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ارسا جي ميمبرن کي غير قانوني طور تي وفاقي حڪومت هٽايو هو، منهنجي خط لکڻ کانپوءِ وزير اعظم ميمبرن جي قانوني حيثيت جو نوٽ آهي، جيڪي هن وقت موجود آهن.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *