Wednesday , April 24 2024

سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران ڌارين جي جي آبادڪاري ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪمون شهيد ۽ لاڙڪاڻي جي احتجاجن ۾ شرڪت جو اعلان

ڪراچي( رپورٽ:اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڪالا باغ ڊيم کي ڪنهن به ريت قبول نه ڪيو ويندو. حيدر منزل ڪراچي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، امان الله شيخ، هاشم کوسو، نواز خان زنئور، سرتاج چانڊيو، صنعان قريشي ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌو درياءَ تي ڊيم اڏڻ ۽ ڪراچي ۾ غير قانوني ترسيل پرڏيهي کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري معاملي تي ويچاريو ويو. اجلاس ۾ اڳواڻن ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري اعلان تي حيرانگي جو اظهار ڪندي عالمي قانون تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو. اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي جلال محمود شاهه چيو ته 7 آڪٽوبر تي ڪمون شهيد ۽ 11 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ رٿيل احتجاج ۾ گڏيل طور شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪالا باغ ڊيم کي ڪنهن به ريت قبول نه ڪيو ويندو. ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته ڌارين جي آبادڪاري سنڌ جي قومي وحدت خلاف آهي ۽ انهن ڪري ئي صوبي ۾ امن امان ۽ روزگار متاثر ٿئي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *