Saturday , April 20 2024

سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جو ڪراچي ۾ به سيف سٽي منصوبو شروع ڪرڻ تي اتفاق – پاڪ فوج ملڪي ادارن سان سهڪار جاري رکندي: آرمي چيف

Army Chief Apex 01

سنڌ ايپيڪيس ڪميٽي ان ڳالھ تي اتفاق ڪري ورتو آحي ته اسلام آباد وانگر ڪراچي ۾ به سيف سٽي پروجيڪٽ شروع ڪيو وڃي، جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان رولڙي جي ور چڙهيل آهي، سنڌ پوليس ۾ ڀرتيون، مقرريون ۽ بدليون نج ميرٽ جي بنياد تي ڪرڻ زور ڀريو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي خصوصي اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد، ڪراچي سميت صوبي جي امن امان جي صورتحال، قيدين جي فرار ٿيڻ ۽ امن امان کي برقرار رکڻ سميت مختلف مامرن تي غور ڪيو ويو.

سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي ٿيل اجلاس بابت سنڌسماءَچار کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، اجلاس ۾ ان ڳالھ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو ويو آهي ته، س پوليس ۾ ڀرتيون، آفيسرز جون مقرريون ۽ بدليون ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وڃن.

ٻي طرف ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس بابت پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جو خصوصي اجلاس آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ ڪراچي آپريشن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا، گهرو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ سميت سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ڊائريڪٽر جنرل رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد ۽ گهرو سيڪريٽري امن امان جي صورتحال بابت ڌار ڌار تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ جيلن جي سيڪيورٽي ۽ ڪراچي سينٽرل جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ واري معاملي تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو ۽ اهڙن واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

Army Chief

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پوليس، رينجرز ۽ ايجنسين جي پاڻ ۾ منظم رابطن ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ تي ڪراچي ڪور ۽ سنڌ رينجرز جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف سنڌ پوليس جي صلاحيت ۽ گنجائش ۾ بهتري آڻڻ جي ساراهه ڪئي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته، 5 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ۽ صوبي ۾ ڊگهي مدي جي امن لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ تي زور ڀريو ويو. سنڌ ۾ امن جي استحڪام لاءِ پوليس سڌارن نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ وفاق ۽ صوبائي عملدارن وچ ۾ مضبوط تعاون ۽ سيف سٽي منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آرمي چيف سمورن لاڳاپيل ادارن کي پاڻ ۾ رابطا وڌائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جون هدايتون ڪيون. آرمي چيف سنڌ پوليس ۾ بهتري جي تعريف ڪندي ميرٽ تي ڀرتين ۽ نوجوان تربيت يافتا اهلڪارن ۽ ڪمانڊ کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته امن جي قيام لاءِ فوري انصاف تمام ضروري آهي، تڪڙي انصاف لاءِ اڃا گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اسان لاءِ سڀ کان پهرئين ملڪ ۽ پوءِ ٻيو ڪجھ آهي: آرمي چيف

Army Chief Pano Aqil 01 

آرمي چيف پنوعاقل ڇانوڻي جو دور ڪيو، جي اوسي پن وعاقل آرمي چيف کي آپريشنل تيارين سميت لاڳاپيل مامرن تي بريفنگ ڏني. جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته دهشتگردي ۽ شدت پسندي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي لاءِ پاڪستان ڊگهو سفر طئه ڪيو آهي. پاڪ فوج بي لوث لڳاءَ ۽ عزم سان پاڪستان ۽ ان جي عوام جي خوشحالي لاءِ سمورن رياستي ادارن سان پنهنجي حمايت جاري رکندي.

ڪراچي ۾ سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پنوعاقل ڇانوڻي جو به دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه پنو عاقل گيريزن جو دورو ڪيو،  جتي جي او سي کيس آپريشنل تيارين ۽ گهرو سيڪيورٽي معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ گهرو سيڪيورٽي جي حوالي سان سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پڌرائي موجب ، جنرل قمر جاويد باجوه ڇهين آدمشماري ۽ گهر شماري جي حوالي سان پاڪ فوج جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج بي لوث لڳاءَ ۽ عزم سان پاڪستان ۽ ان جي عوام جي خوشحالي لاءِ سمورن رياستي ادارن سان پنهنجي حمايت جاري رکندي، پاڪستان اڳ ۾ آهي ۽ پنهنجي ذات بعد ۾ آهي. هن چيو ته دهشتگردي ۽ شدت پسندي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي لاءِ پاڪستان ڊگهو سفر طئه ڪيو آهي. هن چيو ته اسان سڀني ناڪاري سببن سان اثرائتي طور منهن ڏيڻ لاءِ رياست کي وڌيڪ سگهه ڏئي پنهنجن ڪاميابين کي استحڪام ڏينداسين. ان کان اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جڏهن پنو عاقل پهتو ته ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا ۽ جي او سي پنو عاقل سندس استقبال ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *