Friday , March 29 2024

”سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا فرضي اسڪول“ 19 بااثر ماڻهن جي گرفتاري لاءِ اجازت طلب

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان 54 اسڪولن لاءِ فنڊز وٺي هڙپ ڪرڻ واري معاملي جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ ڊويز 19 بااثر خانگي ماڻهن کي کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت گهري ورتي آهي. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيش جي سهڪار سان مخلتف سماجي تنظيمن ۽ خانگي ماڻهن پاران اسڪول کولي انهن کي هلائڻ لاءِ 4 ڪروڙ 33 لک رپيا وٺڻ باوجود اسڪول قائم نه ڪيا ويا ۽ اهڙن 54 اسڪولن جي نالي تي ڪروڙين رپيا وٺي هڙپ ڪيا ويا. جاچ ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته، ان ڪم رڳو سماجي تنظيمون ۽ خانگي ماڻهون نه پر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا عملدار پڻ ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. بدين، سانگهڙ، شڪارپور، سجاول، ٿرپارڪر، قمبر، ميرپور خاص ۽ ڄامشورو ۾ اسڪول قائم ڪري اسڪولز کان ٻاهر ٻارڙن کي اسڪولز ۾ داخل ڪرڻ ۽ اسڪولز جون عمارتون ٺاهڻ جي نالي تي ڏوڪڙ وٺي هڙپ ڪرڻ جي الزام هيٺ آيلن ۾ وحيد احمد شيخ، محمد عدنان، عبدالقيوم، پتامبر، ام حبيبه، مجاهد ڀٽو، غلام مرتضيٰ، مدد علي رند، مير محمد، ملڪ يارسر علي، ممتاز علي، نسيم انڍڙ، ارم ڪوثر، آفتاب وڌو، شمائله انجم، ممتاز راڄپر ۽ سرتاج عباسي شامل آهن. اسڪول کولڻ جي نالي تي فنڊز وٺي هڙپ ڪندڙ سماجي تنظيمن ۾ انڊس وومين ڪلچرل آرگنائيزيشن ۽ ٽي آر ڊي جا ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز شامل آهن. ان معاملي جي خلاف سيف جي اختيارين جي سفارش تي معاملي جو ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ب ه ڪئي هئي، جنهن بعد اينٽي ڪرپشن ڪيس داخل ڪري ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ اجازت گهري ورتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *