Thursday , April 25 2024

سنڌ انفرا اسٽرڪچر سيس اينڊ مينٽينسس بل 2017 تي گورنر جا اعتراض رد، بل اڪثريتي راءِ سان ٻيهر منظور

 Tax image

سنڌ اسميبلي سنڌ انفرا اسٽرڪچر سيلز اينڊ مينٽيننس بل 2017 تي گورنر جا اعتراض رد ڪندي، بل ٻيهر اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ڇڏيو آهي، نثار کهڙو چيو آهي ته 18 هين آئيني ترميم بعد ٽئڪسز گڏ ڪرڻ صوبن جو اختيار آهي.

سنڌ اسيمبلي سنڌ انفرا اسٽرڪچر سيلز اينڊ مينٽينسس بل 2017 تي، سنڌ جي گورنر پاران ڪيل اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ اسيمبلي سنڌ انفرا اسٽرڪچر سيلز اينڊ مينٽينسس بل 2017 ٻيهر اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ جي گورنر سنڌ انفرا اسٽرڪچر سيلز اينڊ مينٽينسس بل 2017 تي اعتراض لڳائي واپس ڪيو هو، جيڪو ٻيهر منظور ڪيو ويو.

سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو چيو ته، ارڙهين آئيني ترميم بعد، ٽئڪسز وصول ڪرڻ صوبن جو اختيار آهي.

متحده جي پارلياماني اڳواڻ سيد سردار احمد چيو ته، سنڌ انفرا اسٽرڪچر سيلز اينڊ مينٽينسس بل 2017 تي گورنر کي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي ها، ٽئڪس وصول ڪرڻ صوبي جي اختيارن ۾ آهي.

Nisar Khuhro 2syed sardar ahmad

سنڌ انفرا اسٽرڪچر سيلز اينڊ مينٽينسس بل 2017 تي اعتراض رد ڪندي ان کي ٻيهر منظور ڪري واپس گورنر ڏانهن موڪلي ڇڏيو.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪراچي جي قديمي ۽ تاريخي ورثو قرار ڏنل اسڪول بلڊر مافيا پاران ڊاهڻ وارو مامرو به بحث هيٺ آيو.

متحده جي پارلياماني ليڊر سيد سردار احمد چيو ته بلڊر مافيا ايڏي طاقتور ٿي وئي آهي جو قومي ورثو قرار ڏنل سرڪاري اسڪول ڊاهي ڇڏيو.

سنڌ اسيمبلي ۾ سيد سردار احمد اسڪول ڊاهڻ واري معاملي تي ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.

ٺهراءَ ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو آهي ته اسڪول ڊاهڻ ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي……

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *