Wednesday , April 24 2024

الهڏنو خواجا 11 اپريل تائين سنڌ جو آءِ جي رهندو، هاءِ ڪورٽ پاران سنڌ ڪابينا جي ايجنڊا ڪاپي طلب

 ZZZ CM Rizwan Memon

سنڌ ڪابينا پاران سنڌ جي آءِ جي الهڏنو خواجا جون خدمتون وفاق حوالي ڪري عبدالمجيد دستي کي سنڌ جو آءِ جي مقرر ڪرڻ واري فيصلي سنڌ حڪومت کي وڌيڪ ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پ پ  قيادت جي خواهش تي سنڌ حڪومت پاران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي هر صورت ۾ هٽائڻ واري ضد پوري ڪرڻ جو خواب ساڀيان نه ڪري سگهي آهي. اي ڊي خواجا کي هٽائڻ واري مامري ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اسٽي آرڊر ڀت بڻجي ويو آهي. پ پ  قيادت جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه پاران سنڌ ڪابينا جو تڪڙو اجلاس سڏائي ان مان آءِ جي جون خدمتون وفاق حوالي ڪري مجيد دستي کي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، پر هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سنڌ حڪومت کي باهه ۽ پاڻي جي وچ تي بيهاري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران آءِ جي اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ خلاف ڏنل اسٽي ختم ڪرڻ بابت سنڌ حڪومت جي درخواست رد ڪندي اي ڊي خواجا کي ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين عهدي تي ڪم جاري رکڻ ۽ سنڌ ڪابينا جي اجلاس جي فيصلي جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

  جسٽس منيب اختر تي ٻڌل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ رڪني بئنچ سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجا کي هٽائڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

Majeed dasti & AD

ٻڌڻي دوران ايڊوڪيٽ جنرل ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا اي ڊي خواجا کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيوآهي.

عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي سنڌ ڪابينا جي اجلاس جي فيصلي جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت چيو ته پوليس فورس جو آل پاڪستان سروس ۾ هئڻ تڪراري نه آهي، حتمي فيصلي تائين حڪمن جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي ۽ اي ڊي خواجه عهدي تي ڪم جاري رکي.

ڪيس جي ڪارروائي جاري هئي ته عدالت ٻڌڻي 11 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *