Friday , March 29 2024

سنڌ اسيمبلي پاران غير قانوني پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف ٺهراءُ منظور

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ سٽي يونيورسٽي ڪراچي جو خانگي بل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحرعباسي ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو ٺهراءَ اتفاق راءِ منظور ڪيو ويو آهي. فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي سنڌ ۾ ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو،جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.نصرت سحر عباسي چيو ته سنڌ ۾ نادرا هن وقت تائين پنج لک کان وڌيڪ پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا آهن. هن چيو ته نادرا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ تصديق ڪرڻ وارو شرط به ختم ڪري ڇڏيو آهي،بنگالين ۽ برمين جا ڪارڊ به ٺهي ويا ۽ سندن ووٽ به داخل ٿي ويا آهن. نصرت سحر عباسي چيو ته نادرا پاران رد ڪيل هزارين سڃاڻپ ڪارڊ ٻيهر بحال ڪيا ويا آهن، غيرقانوني سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪندڙ نادرا عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان ڪراچي شهر ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. خرم شير زمان چيو ته ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو معاملو اهم آهي پر سنڌ حڪومت اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن. خرم شير زمان چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو موقف آهي ته سنڌ سرڪار ڏانهن بلن جي مد ۾ رهيل بقايائون نه ٿيون ملن. ايوان ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *