Thursday , March 28 2024

سنڌ اسيمبلي حج تي سبسڊي ڏيڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورتر   سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي حج تي سبسڊي ختم ڪرڻ خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، پ پ ايم پي اي ندا کهڙو ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته مديني جي رياست قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪندڙن حج تي سبسڊي ختم ڪري ڇڏي آهي، اجلاس ۾ مڪاني حڪومت جي ٻي ترميم اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن دوران مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي ندا کهڙو حج تي سسبڊي ختم ڪرڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته مديني جي رياست قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪندڙن حج مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. ٺهراءُ تي بحث ڪندي ايم پي اي عبدالرشيد چيو ته ڇا مديني جي رياست جي خساري جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ به حج جي فرض مان وصولي ڪئي ويندي؟، موجودا حج پاليسي تي شديد اعتراض آهن. ٺهراءَ تي بحث ڪندي متحده ايم پي اي ڪنور نويد جميل چيو ته بدقسمتي سان ملڪ جا خرچ هلائڻ لاءِ عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ سان گڏ حج به مهانگو ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اها هڪ غلط فهمي آهي، سبسڊي رڳو 40 هزار رپيا هئي، ايوان ۾ حج تي ڳالهيون ته ٿي رهيون آهن پر پڙهندو ڪير نماز به نه آهي. هن چيو ته حج انهن ماڻهن تي ئي فرض آهي جيڪي سگهه رکن ٿا، باقي غريبن تي حج فرض نه آهي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته مديني جي رياست ۾ ماڻهن کي سهولتون ڏنيون وينديون آهن، اها ڳالهه درست ناهي ته جنهن ۾ سگهه هجي اهو ئي حج ڪري. سعيد غني چيو ته حج رڳو پ پ  وارا نه ڪندا، وفاقي سرڪار کي ان تي سوچڻ گهرجي. سعيد غني چيو ته عمران خان ته دعائن تي ئي هلي رهيو آهي پر حج مهانگو ٿيڻ تي ڪو به کيس دعا نه ڏيندو. اجلاس دوران سعيد غني پاران پيش ڪيل مڪاني حڪومت جي ٻي ترميم کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ترميم تحت ڪنهن چيئرمين جي استعيفيٰ سڌي ريت ڏيڻ بدران اها ڪونسل ۾ پيش ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *