Friday , March 29 2024

سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم پاران مارڻ جون ڌمڪيون

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم پاران سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي واٽس ايپ ميسيجز ذريعي قتل ۽ گهر ڀاتين کي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙو انڪشاف ايم پي ايز سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪيو. ٺٽي مان چونڊيل ايم پي اي سيد امير حيدر شاهه، پ پ ايم پي اي امداد پتافي ۽ ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني چيو ته، کين مختلف نمبرز تان واٽس ايپ ذريعي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. صابر قائمخاني چيو ته، ميسيج ذريعي چيو ويو ته اڄ منهنجو آخري ڏينهن آهي. اسان کان بِٽ ڪوائن ذريعي رقم جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. امير حيدر شاهه چيو ته، کيس جيڪو ميسيج آيو ان ۾ چيو ويو ته اوهان گاڏين ۾ گهمون يا ڪجهه به ڪيو پر مون سميت گهر ڀاتين کي نقصان پهچائيندا.

ان موقعي تي اسپيڪر رولنگ ڏيندي گهرو کاتي  کي معاملي جي جاچ ڪرڻ ۽ اسيمبلي ميمبرن جي سيڪورٽي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. نون ليگ ايم پي اي امير حيدر شاهه شيرزاي ٺٽي ۾ پاڻي جي کوٽ وارو معاملو اٿاريندي چيو ته گهوڙا ٻاري واري علائقي مان چونڊيل ايم پي اي اويس مظفر 3 سالن کان غائب آهي ۽ اتان جي رهواسين جو پاڻي وارو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *