Thursday , April 25 2024

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ميئر وسيم اختر جي ڪرپشن،نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي( رپورٽ اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ سميت ڪرپشن جي الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر خالف به انڪوائري ڪئي ويندي. نيب آغا سراج دراني جي خلاف ٽن انڪوائريز جو حڪم ڏنو آهي.نيب مطابق آغا سراج دراني آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا، 352 غير قانوني ڀرتيون ڪيون ۽ ايم پي اي هاسٽل ۽ نئين سنڌ اسيمبلي  جي عمارت جي اڏاوت ۾ ڪيل مالي گهوٻين ۾ ملوث آهي.نيب مطابق سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اڏاوتن لاءِ پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز  جي به مقرري ڪئي. نيب ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي خلاف به جاچ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن تحت وسيم اختر ،ڪي ايم سي آفيسرن 2015 کان 2018 تائين بجيٽ جي سلسلي ۾ 36 ارب رپين جون گهوٻيون هنيون.هن انهيءَ رقم جو غلط استعمال ڪيو. نيب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي  جي ڊائريڪٽر جنرل  افتخار قائمخاني  جي خلاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي،هن تي الزام آهي ته هن آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا. پڌرائي موجب تازوئي هنيل ڇاپن کانپوءِ اهڙا ثبوت نيب کي حاصل ٿيا. نيب اختيارين مقامي بلڊرز جي خلاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي،انهن تي الزام آهي ته 16 سو پلاٽن جي الاٽمنٽ دوران ڌوکو ڪيو ويو.هنن 5 ارب 40 ڪروڙ رپين جون گهوٻيون هنيون. ان سان گڏ نيب  سائيٽ جي ايم ڊي ۽ ٻين آفيسرن جي خلاف  ٻن گهوٻين جي ڪيسن جي جاچ جو به حڪم ڏنو آهي. نيب ايس ايس پي فريد جان سرهندي  جي خلاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي.نيب مطابق هن 378 سپاهين جون غير قانوني ڀرتيون ڪيون.سپريم ڪورٽ جي هدايت تي ايس ايس پي جي خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *