Thursday , April 25 2024

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس دوران ڊپٽي اسيپڪر شهلا رضا ۽ نصرت سحر عباسيءَ وچ ۾ ڏند چڪ معمول بڻيل

ڪراچي( سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ۽ فنڪشنل ليگ جي ايم پي نصرت سحر عباسي وچ ۾ ڏند چڪ نه ٿين ته ڄڻ اجلاس ئي نه ٿيو!! سنڌ اسيمبلي دوران ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تان وري سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، شهلا رضا نصرت سحر کي اسيمبليءَ ۾ گهڻ ڳالهائو ميمبر قرار ڏيندي کيس چپ ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس روايت مطابق اڄ به 2 ڪلاڪ دير سان وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن جي حاضري گهٽ رهي. اجلاس دوران قائد اعظم جي ڌيءُ دينا واڊيا ۽ قائد اعظم جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي.

سنڌ اسميبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته فيڪٽرين ۾ ملازمن سان تمام گهڻيون نا انصافيون ٿي رهيون آهن. جنهن خلاف جيڪا به شڪايت ايندي آهي ته ان فيڪٽري جي مالڪ خلاف ڪارروائي به ڪئي ويندي آهي. ناصر شاهه چيو ته سنڌ ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ فيڪٽريون بند ٿي ويون آهن، حڪومت طرفان گهٽ ۾ گهٽ اجورو 15 هزار رپيا مقرر ٿيل آهي، جنهن بابت فيڪٽري مالڪن کي واضح هدايتون پڻ ڏنل آهن. پي ٽي آءِ جي ايم پي اي خرم شير زمان ڊپٽي اسپيڪر کي درخواست ڪئي، جيڪا شهلا رضا رد ڪندي چيو ته پهريان ئي اجلاس دير سان شروع ٿيو آهي، جنهن کي نماز پڙهڻي آهي، اهو پڙهي اچي.

اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران فنڪشنل ليگ جي ميمبر نصرت سحر عباسي وقتي اسپيڪر کان ڳالهائڻ جي اجازت گهري، جيڪا نه ڏيڻ تي نصرت سحر عباسي ۽ ڊپٽي اسپيڪر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. نصرت سحر عباسي چيو ته اسان کي ڳالهائڻ نه ٿو ڏنو وڃي، جڏهن ڳالهايون ٿا ته مائيڪ بند ڪئي وڃي ٿي. شهلا رضا چيو ته توهان رڪارڊ چيڪ ڪري ڏسو ايوان ۾ سڀ کان گهڻو توهان ئي ڳالهائيندا آهيو، جنهن بعد نصرت صحر عباسي خاموش ٿي وئي. بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا اسيمبليءَ جو اجلاس  ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *