Friday , March 29 2024

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، ”مون کي آس پاس کان ڀونڪڻ جا آواز اچي رهيا آهن“: وقتي اسپيڪر شهلا رضا

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ اسميبلي جي اربع ڏينهن واري اجلاس دوران پي ايس پي ۽ متحده پاڪستان جي ايم پي ايز وچ ۾ تڪرار دوران، اجلاس جي صدارت ڪندڙ قائم مقام اسپيڪر شهلا رضا چيو ته، ”مجهي ڀونڪني ڪي آوازين سنائي دي رهي هين؛ مونکي ڀرپاسي کان ڀونڪڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن“.

سنڌ اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ اجلاس دوران پيپلزپارٽي پاران سنڌ جي يونيورسٽيز ۾ وائس چانسلر ز جي مقرري جا اختيار وڏي وزير حوالي ڪرڻ وارو بل اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ تي اپوزيشن احتجاج ڪيو ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر جي ميمبرن بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، اسپيڪر بل تي بحث سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ معمول جي ڪارروائي کانپوءِ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينئر وزير نثار کهڙي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ وائس چانسلرز جي مقرري جا اختيار وڏي وزير کي منتقل ڪرڻ جو  بل پيش ڪيو،جنهن تي مخالف ڌر مڇرجي پئي. سينئر صوبائي وزير نثار کهڙي بل تي ڳالهائيندي چيو ته صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو وڏو وزير آهي،انڪري وائس چانسلرز جي مقرر جا اختيار به  ان  وٽ هجڻ گهرجن.

اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار چيو ته وڏو وزير پرائمري اسڪول نه پيو سنڀالي سگهي ته يونيورسٽيز جا انتظام ڪيئن سنڀاليندو. پي ٽي آءِ جي ميمبر خرم شير زمان پاران تڪراري بل کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو.هن چيو ته هو بل کي نٿا مڃين ۽ نٿا چاهين ته وائس چانسلرز جي مقرري جا اختيار وڏي وزير کي منتقل ڪيا وڃن. ان موقعي تي اجلاس ۾ متحده ۽ پي ايس پي ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ تي ڊپٽي اسپيڪر ڪاوڙ جو اظهارڪيو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڌڙن کي ٻاهر وڃي معاملا طعي ڪرڻ گهرجن، هوءَ قاعدن مطابق  ايوان کي هلائيندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *