Friday , March 29 2024

سنڌڙي ويجهو هانءُ ڏاريندڙ حادثو ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت

تيز رفتار ويگو گاڏي بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي تباهه، کپرو واسي ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت

سنڌڙي(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) هڱورنو وٽ تيز رفتار ويگو گاڏي بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ کپرو واسي ٻن عورتن سميت چار ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، فوتين جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. حادثي جي نتيجي ۾ کپرو ٽائون چيرمين وسيم قائمخاني جي ڀاءُ ضياالرحمان قائمخاني ۽ سندس ڊرائيور فيضان قائمخاني ۽ 2 عورتون فوت ٿي ويا. هنڱورنو شحر ۾ موجود ماڻهن موجب ويگو گاڏي ميرپورخاص کان کپرو وڃي رهي هئي ته بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جو شڪار ٿي ويل ماڻهو کپرو جا رهواسي آهن. خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ ويگو گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا. ايس ايس پي ميرپورخاص جاويد بلوچ به واقعي واري ھنڌ پهچي حادثي جي ڄاڻ ورتي.

تبديلي سرڪار جو هڪ وڌيڪ تحفو؟؟

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *