Friday , April 19 2024

سنڌي ٽي وي چئنل ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر بيدردي سان قتل

سنڌي ٽي وي چئنل ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر بيدردي سان قتل، شهيد عزيز جي لاش کي گوڌو شاخ ۾ لوڙهيو ويو، مڙهه اڄ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو

نوشهروفيروز(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سنڌي ٽي وي چنل ڪي ٽي اين نيوز ۽ روزاني ڪاوش محرابپور جو رپورٽر سينئر صحافي عبدالعزيز ميمڻ اڻسڃاتل جوابدارن هٿان بيدردي سان قتل، سندس لاش واهه ۾ لوڙهيو ويو، ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪري لاش اسپتال منتقل ڪرايو، صحافي جي قتل خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، اڄ به احتجاج ڪيو ويندو، ڪي ٽي اين جي ڊائريڪٽر نيوز مصطفيٰ جروار چيو آهي ته، عزيز ميمڻ جو بي رحماڻو قتل انتهائي افسوس ناڪ آهي، قاتلن جي گرفتاري ۽ مڪمل انصاف ملڻ تائين سک نه ويهنداسين.محرابپور ويجهو ڪي ٽي اين نيوز ۽ روزاني ڪاوش جي رپورٽر ۽ سينئر صحافي عزيز ميمڻ کي اڻسڃاتل جوابدار اغوا بعد بيدردي سان گهٽا ڏئي شهيد ڪرڻ بعد سندس گوڌو شاخ ۾ لوڙهي ڇڏيو،، شاخ ۾ پاڻي گهٽ هجڻ ڪري ڪناري تي اچي ويو، رستي تان گذرندڙ ماڻهن پوليس کي اطلاع ڪري مڙهه محرابپور تعلقي اسپتال منتقل ڪرايو، جتي سندس مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي، سندس جنازي نماز اڄ صبح جو هاءِ اسڪول گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي وارثن جو چولڻ  آهي ته عزيز کي صحافت ڪرڻ تان ڌمڪيون ملنديون هيون، سندس شهادت اسان کي جهوري ڇڏيو آهي، جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري انيصاف ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڪي ٽي اين نيوز جي ڊائريڪٽر نيوز مصطفيٰ جروار سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته عزيز ميمڻ سينئر صحافي ۽ ڪي ٽي اين نيوز  جي سٿ سان  پهرين ڏينهن کان سلهاڙيل هو، هن هميشه علائقي جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن توڙي علائقي جي مسئلن کي ايوانن تائن پهچايو. مصطفيٰ جروار چيو ته جيستائين شهيد عزيز ميمڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيندا ايستائين سک سان  نه ويهنداسين، قاتلن جي گرفتاري لاءِ هر فورم کي استعمال ڪنداسين.

صحافي عزيز ميمڻ جي قتل تي ڪراچي يونين آف جنرلسٽس جي صدر احمد خان ملڪ مذمت ڪندي چيو آهي ته عزيز ميمڻ جو قتل صرف هڪ شخص جو نه پوري صحافت تي وار آهي ۽ ان جي قتل کي قلم کي قتل ڪرڻ جي سازش آهي. ملڪ احمد خان سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي چيو ته عزيز ميمڻ جي قتل خلاف ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اڄ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪنداسين، هن وڏي وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ ڪليم امام، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کان مطلبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري واقعي جو حقيقتون منظر تي آنديون وڃن. عزيز ميمڻ جي قتل خلاف سکر، خيرپور، فيض گنج، نوشهروفيروز، محرابپور، بدين، ٺٽو، سکر سميت مختلف شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *