Tuesday , April 16 2024

سنڌ ۽ سنڌين جو مستقبل سواليا نشان؟ ستين آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم

ڊجيٽل گهر شماري ۽ آدمشماري ڊجوري سسٽم ذريعي بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪرائڻ سان سنڌين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جا خدشا وڌي ويا

ڊجيٽل گهر شماري ۽ ڊجيٽل آدمشماريءَ جو اينڊرائيڊ ٽيبليٽ

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ستين ۽ ملڪ جي پهرين ڊجيٽل گهر شماري ۽ آدمشماري لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪري ڇڏيو، ڪو به شخص ڪنهن به علائقي ۾ 6 مهينا رهيل هوندو ته اُهو به پاڻ کي ڳڻائي سگهندو، ڊجيٽل آدمشماري

حڪومت ملڪ جي ستين آدمشاري لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ئي ختم ڪري ڇڏيو، ملڪي تاريخ جي پهرين ڊجيٽل آدمشماري لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، شماريات بيورو 16 جنوري کان پورٽل کولي ڇڏيندو، پاڪستان شماريات بيورو نادار جي مدد سان آن لائن پورٽل به تيار ڪري ورتو، 16 جنوري کان آن لائن آدمشماري شروع ڪئي ويندي. سنڌ جون سياسي، سماجي تنظيمون، سڄاڻ ڌرين ڪو به تحرڪ نه ورتو. تفصيلي رپروٽ مطابق، پاڪستان پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن ۽ پي ڊي ايم جي سمورين اتحادي جماعت جي گڏيل فيصلي تحت وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ستين ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جا سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار پاران حاصل ڪيل معلومات مطابق، ڊجيٽل گهر شماري ۽ آدمشماري “ڊجوري” سسٽم تحت ڪرائي ويندي، “ڊجوري” سسٽم ذريعي ٿيندڙ ٿيندڙ آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو هجڻ وارو شرط مورڳو ئي ختم ڪيو ويو آهي، ڊجيٽل آدمشماري ۾ پاڪستان اندر رهندڙ هر ماڻهو قومي سڃاڻپ ڪارڊ يا شهريت لاءِ لازمي قرار ڏنل ڪو به دستاويز پيش ڪرڻ کانسواءِ ئي پنهنجي ڳڻپ ڪرائي سگهندو. “ڊجوري” سسٽم تحت پاڪستان جي ڪنهن به علائقي ۾ ڇهن مهينن کان رهندڙ هر شخص پاڻ کي آدمشاري ۾ ڳڻائڻ جو اهل هوندو، جنهن اهو شخص / خاندان هنڌ ترسيل هوندو اتان جو ئي رهائشي ڳڻائي سگهندو.

پاڪستان پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن ۽ پي ڊي ايم جي سمورين اتحادي جماعت جي گڏيل فيصلي تحت وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ستين ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جا سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.

مليل ڄاڻ موجب شماريات بيورو 16 جنوري کان پورٽل کولي ڇڏيندو، ان کانپوءِ ڪو به ماڻهو “ڊجوري” سسٽم تحت ان ايپليڪيشن پورٽل تي آن لائن يا آف لائن پاڻ ئي داخلا ڪرائي پاڪستان جي شهري طور پاڻ ڳڻائي سگهندو. پاڪستان شماريات بيورو نادرا جي سهڪار سان ڊجيٽل گهر شماري ۽ ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ لاءِ لاڳاپيل صوبن جي واسطيدار ملازمن جون خدمتون حاصل ڪري انهن کي تربيت به ڏني وئي آهي. انهن ملازمن ۾ اڪثريت تعليم کاتي جي ماسترن جي ٻڌائي پئي وڃي.ڊجيٽل آدمشماري لاءِ سموري ملڪ ۾ سوال لککان وڌيڪ اينڊرائيڊ ٽيبليٽس ۽ لڳ ڀڳ هڪ لک 20 هزار 929 ڄڻن تي ٻڌل عملو پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو. ان لاءِ 2 هزار 875 ماسٽر ٽرينرز کي تربيت ڏيڻ جو مرحلو مڪمل ڪيو ويو آهي. ماسٽر ٽرينرز وڌيڪ هڪ لک 21 هزار عملي کي سکيا ڏيندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *