Friday , March 29 2024

سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ وارو بل منظور

Ajiz dhamrahsasuai palejo

سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پيپلزپارٽي پاران پيش ڪيل قومي ٻولين واري بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي جي سينيٽر عاجز ڌامراھ ۽ سسئي پليجو پاران پيش ڪيل بل کي متفقا طور تي منظور ڪري ڇڏيو آهي.

پ پ جي سينيٽرز پاران پيش ڪيل بل سينيٽ آف پاڪستان جي قانون انصاف واري اسٽينڊنگ ڪميٽي بل تي،ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين جاويد عباسي جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ سينيٽ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو.

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي متفقا طور تي سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ واري بل جي منظوري ڏني، جيڪو هاڻي سينيٽ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

پيپلزپارٽي جي سينيٽرز سسئي پليجو ۽ عاجز ڌامراهه پاران پيش  ڪيل  بل ۾، اردو سان گڏ سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو کي به قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ پ پ سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو ته قومي ٻولين بابت بل کي متفقا طور منظور ڪرڻ لاءِ ڪافي عرصي کان ڪوششون ڪيون پي ويون جيڪي اڄ ڪاميابي ملي آهي. سندس چوڻ هو ته چئني صوبن جي مک  ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ سان فيڊريشن وڌيڪ  مضبوط ٿيندي .

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *