Friday , April 19 2024

سنڌو درياءَ تي هڪ وڌيڪ پل ٺاهڻ جون تياريون، منصوبي جي منظوري

ڪراچي( چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران سنڌو درياءِ تي هڪ وڌيڪ نئين پل ٺاهڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه منصوبي جي فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، مراد علي شاهه چيو آهي ته پل جي منصوبي سان ڪنڊيارو – خيرپورناٿن شاهه پل جي منصوبي سان نه رڳو سفري سهولتون ٿينديون پر ڪاروبار ۽ روزگار جا وسيلا به پيدا ٿيندا. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، ڄام خان شورو، ضياءَ عباس شاهه، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه،پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي چيئرمين حسن نقوي سمصيت لاڳايپل کاتن جا سيڪريٽري به شريڪ ٿيا. اجلاس دوران وڏي وزير کي مختلف منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي، اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته خيرپور ناٿن شاهه ۽ ڪنڊيارو وچ ۾ پل جو منصوبو  ٺاهيو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته منصوبو خيرپور ناٿن شاهه کان ڪنڊيارو تائين عوام جي سفري سهولتن کي نظر ۾ رکندي جوڙيو آهي جنهن سان مفاصلو گهٽجي ويندو، علائقي ۾ روزگر جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا. هن چيو ته تجويز ڪيل پل کان مٿئين پاسي لاڙڪاڻو-خيرپور پل 181 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، هن منصوبي سان 131 ڪلوميٽر مفاصلو گهٽجي ويندو، ساڳئي طرح دادو مورو پل هن هنڌ کان 122 ڪلوميٽر تي آھي تنهنڪري مفاصلو 72 ڪلوميٽر گهٽجي ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پل جي شروعات انڊس هاءِ وي تي خيرپور ناٿن شاهه جي ويجهو سيتا وليج روڊ ۽ پڄاڻي نيشنل هاءِ وي (N5) تي ڪنڊيارو جي ڪمال ڏيرو وٽ ٿيندي. پلين ۽ روڊن جي ڊيگهه اٽڪل N5 ۽ N55 ويجهو روڊن کي ڇڏي اٽڪل 25 ڪلوميٽر هوندي ۽ خيرپور ناٿن شاهه جو رستو، خيرپور ناٿن شاهه کان سيتا وليج تائين ويجهن روڊن کي ڇڏي 11 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ هوندو، ڪنڊيارو پاسي وارو لنڪ روڊ، N5 کان ڪمال ديرو تائين ويجهن روڊن کي ڇڏي 11.50 ڪلوميٽر هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *