Friday , March 29 2024

 سنڌسماءَچار هڪ ڀيرو ٻيهر بريڪنگ نيوز ۾ اڳڀري،5ڏينهن اڳ شايع ڪيل نيوز اڄ قومي ميڊيا جي زينت بڻجي وئي

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌسماءَچار جي سٿ پاران ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪئي آهي ته، www.sidnsamaachar.com نمبر ون آهي يا وري سڀ کان وڌيڪ پڙهي وڃي ٿي؛ پر سنڌسماءَچار اها دعويٰ ضرور ڪري ٿي ته سنڌ جي حوالي سان يا وري ملڪي سطح تي کوڙ ساريون خبرون سنڌسماءَچار سڀني کان اڳ بريڪ ڪندي آهي. آچر 12 مئي تي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ جي ڪيسز کي منهن ڏيندڙ اڳوڻي صدر آصف زرداري بابت هڪ (جعلي اڪائونٽس ڪيس سان لاڳاپيل) نيوز بريڪ ڪئي هئي، جيڪا خميس 16 مئي تي رات جو لڳ ڀڳ 10 وڳي ڌاري بريڪنگ نيوز ڪري هلائي. اها نيوز اردو جي سمورن ٽي وي چئنلز جي زينت بڻي ۽ ناليوارن اينڪر پرسنز پنهنجي پروگرام ۾ ليڊ اسٽوري ڪري بحث هيٺ آندي.

ان نيوز جي لنڪ اوهان سان هيٺ ٻيئر شيئر ڪري رهيا آهيون، اوهان پاڻ پڙهي ڏسو.

آصف زرداري جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي مالڪي قبول ڪندو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *