Friday , March 29 2024

سنڌسماءَچار هميشه سڀني کان اڳتي- آصف زرداري جي طبعيت لاءِ ايندڙ 2 هفتا انتهائي اهم قرار

عدالتي يا انتظامي فيصلو؟ آصف زرداري جي ڪراچي منتقل ٿيڻ بابت هلندڙ هفتي دوران ڇنڇر کان پهريان فيصلو ٿي ويندو

آصف زرداري 18 نومبر کان مڪمل طور تي بستري حوالي، کيس سهارو ڏئي اٿاريو ويهاريو وڃي ٿو

بلاول ڀٽو زرداري جون ڪراچي ۾ اهم شخصيتن سان ملاقاتون، معاملا اڃا حل نه ٿيا

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر آصف زرداري جي صحت انتهائي ناساز، بلاول، قمرالزمان ڪائرا ۽ نئير بخاري به آصف زرداري کي ضمانت لاءِ عدالت سان رجوع ڪرڻ تي راضي نه ڪري سگهيا، سندس صحت  لاءِ ايندڙ 2 هفتا انتهائي اهم قرار ڏنا پيا وڃن. جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتار ٿيل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران علاج لاءِ ضمانت وٺڻ کان مڪمل طور تي انڪار ڪري ڇڏيو آهي، انتهائي اعتماد جوڳن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، اڳوڻي صدر آصف زرداري علاج لاءِ عدالت سان رجوع ڪري درخواست ڏيڻ کان مڪمل طور تي انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ان سلسلي ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ۽ بختاور ڀٽو زرداري سميت پارٽي جي سينئر ۽ سندس انتهائي اعتماد جوڳن ساٿين، نئير بخاري، قمرالزمان ڪائرا، فرحت الله بابر، سندس ذاتي وڪيل ۽ دوست فاروق ايڇ نائيڪ پاران ضمانت جي درخواست داخل ڪرائڻ لاءِ زور ڀرڻ باوجود آصف زرداري کين کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن مليل ڄاڻ موجب آصف زرداري جي انڪار کانپوءِ ئي ڪيسز واپس ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست ڏني وئي.

ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي هڪ سينئر اڳواڻ هڪ مهينو اڳ شايع ڪيل سنڌسماءَچار پاران شيع ڪيل خبر جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته، سنڌسماءَچار جي خبر مڪمل طور تي سچي هئي ۽ هاڻي ته آصف زرداري پاران ضمانت جي درخواست ڏيڻ کان ٺپ انڪار کانپوءِ ڪيس ڪراچي منتقل ڪرڻ واري درخواست تي مشڪل سان راضي ٿيو آهي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق سياسي فيصلن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ اهم شخصيت پنهنجي هڪ ساٿي معرفت آصف زرداري کي پيغام موڪليو هو، ان شخص آصف سان بلڪل نويڪلائي 10 کان 15 منٽ پمز اسپتال ۾ ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران آصف زرداري کيس ان شخصيت کي سندس پيغام جو جواب ۽ پنهنجو موقف به ٻڌايو هو، ان سڄي ملاقات ۽ پيغامن جي ڏي وٺ بابت آصف زرداري بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌائي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ بلاول اسلام آباد کان ڪراچي روانو ٿي ويو هو، جتي بلاول جون اهم شخصيتن سان ٽي ملاقاتون ٿيون آهن، ان ۾ معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ جڏهن آصف زرداري کي پيغام پهچايو ويو ته هن ان طئي ٿيل ڳالهين کي به قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن اها ڳالهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ته بلاول سان اهم شخصيتن جون ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون ۽ ڇا طئي ٿيو.

 آصف زرداري جي صحت بابت پيپلز پارٽي جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، اڳوڻو صدر 18 نومبر کان مڪمل طور تي بستري حوالي ٿي ويو آهي، سندس طبعيت ايتري ناساز آهي جو کيس سهارو ڏئي اٿاريو ويهاريو وڃي ٿو، آصف زرداري کي دل جي تڪليف کان وڌيڪ ڪرنگهي جي سور واري بيماري ۽ مُهارن جو به مسئلو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آصف زرداري جي زبان ۾ به انفيڪشن ٿي  پيو هو پر اهو ٺيڪ ٿي ويو آهي. ذريعن اها به دعويٰ  ڪئي آهي ته آصف زرداري جي صحت جي حوالي  سان ايندڙ 10 کان 15 ڏينهن انتهائي اهم آهن، سندس طبيعت ٺيڪ ٿيڻ جو آسرو ناهي پر ان ۾ ڪجهه سڌاري اچڻ جي به اميد گهٽ آهي، آصف زرداري جي ڪراچي منتقل ٿيڻ بابت هلندڙ هفتي دوران ڇنڇر کان پهريان ٿي ويندو، پوءِ اهو عدالتي فيصلي تحت ٿئي يا انتظامي طور.

آصف زرداري جي طبيعت نواز شريف کان وڌيڪ خراب هجڻ جو انڪشاف

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *