Tuesday , April 23 2024

سنڌسماءَچار هميشه سڀني کان اڳتي، وڏي  وزير ۽ نثار کهڙو جي بيانن ۾ به تصديق ٿي وئي

بُنڊار ٻيٽ بابت سنڌسماءَچار 15 ۽ 18سيپٽمبر تي خبرون بريڪ ڪيون

ناصر شاهه کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي بيانن ۾ تصديق ٿي

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي بُنڊار سامونڊي ٻيٽ تي وفاقي حڪومت پاران قبضي جي خبر ۽ سنڌ حڪومت پاران راضپي بابت خبرون سڀني کان سنڌسماءَچار بريڪ ڪيون، 15 سيپٽمبر تي آصف زرداري سان چيني سفير جي ملاقات ۾ آصف زرداري پاران راضپو ۽ 18 سيپٽمبر تي سنڌ حڪومت پاران ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ بابت ٻئي خبرون صرف سنڌسماءَچار بريڪ ڪيون. سنڌسماءَچار سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان واڳيل مسئلن تي هميشه پنهنجو صحافتي ڪردار ادا ڪندي حقيقت تي ٻڌل خبرون شايع ڪندي رهي آهي، سنڌسماءَچار جي ٻيٽن بابت خبرن جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ۽ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ٻيٽن تي ترقي ٿيندي ۽ اسان به ترقي چاهيون ٿا، وڏي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وڌي چيو ته اسان کي مقامي ماڻهن جا به مفاد عزيز آهن، جيستائين اھي  راضي نه ٿيندا، ٻنھي ٻيٽن تي ڪجهه به نه ٿيندو، وڏو وزير هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته، سنڌ حڪومت جي جو راضپو مقامي ماڻهن جي راضپي سان مشروط آهي، جڏهن وڏي وزير  کان پڇيو ويو ته مقامي ماڻهو ته مزاحمت جي ڳالهه ڪن ٿا ڇا اوهان به مزاحمت ڪندا؟ جنهن تي وڏو وزير ڳالهه گول ڪري روانو ٿي ويو. ٻئي طرف وڏي وزير جي صلاحڪار ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثر کهڙو به هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ کي ترقي ۽ مقامي ماڻهن جي خوشحالي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي هڪ ڀيرو ٻيهر قبضي جون تياريون مڪمل

سنڌ حڪومت پاران بُنڊار سان گڏ ڏنگي ٻيٽ تي به منصوبن ۾ وفاق سان سهڪار جو اعلان

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *