Thursday , March 28 2024

سنڌسماءَچار جي نئين پڪي ڪرايل پراڻ شاخ جي تباهي جي خبر هلڻ رنگ لاتو

ميرپور خاص( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ پراڻ شاخ هنڌان هنڌان ٽٽڻ واري معاملي جي خبر سنڌسماءَچار تي هلڻ جي 15 ڪلاڪن کانپوءِ آبپاشي کاتي جي عملدارن نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ انتظاميا منوٽيس وٺي ٺيڪيدار کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. شاخ کي 19 کان 20 مائل تائين پڪو ڪرڻ لاءِ وڇايل سليب ڊاهي ڇڏيا، ٺيڪيدار کي شاخ ٻيهر ٺهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ايڪسيئن جمڙائو ڪئنال شاخ جو معائنو ڪري سليبن ۽ بيڊ جي بلاڪن کي ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيو آهي. ايڪسيئن جمڙائو ڪئنال نعيم ميمڻ شاخ جي ڪمزور هنڌن جو معائنو ڪري ٽن ايڪسڪيويٽر مشينن جي مدد سان ڏار پيل سليبن ۽ بيڊ جي بلاڪن کي ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيو. ايڪسيئن نعيم ميمڻ چيو ته هڪ پاسي ٺيڪيدار تڪڙ ۾ ڪم ڪيو ته ٻئي پاسي پاڻي جي کوٽ سبب آبادگارن جي دٻاءَ ڪري پاڻي ڇڏيو ويو. هن چيو ته پاڻي جي وهڪري سبب نوان ٺهيل سليب ڪمزور ٿي ويا. هن چيو ته اسان ٻن ميلن تائين ٺهيل شاخ کي ڊاهي رهيا آهيون، شاخ ٺيڪيدار کان ٻيهر ٺهرائي ويندي، جنهن ۾ سرڪار هڪ رپيو به ادا نه ڪندي. ايڪسيئن وڌيڪ چيو ته جيستائين شاخ مڪمل ۽ پائيدار نٿي ٺهي تيستائين ٺيڪيدار جي بلز جي ادائگي نه ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *