Friday , March 29 2024

سنڌسماءَچار جي خبرن رنگ لاتو، زال جو ڳلو ڪپيندڙ مڙس،سهري،سس ۽ نڻان خلاف ڪيس داخل

سکر/خيرپور ( خاص نمائندو) سنڌسماءَچار پاران مڙس هٿان تشدد جو نشانو بڻيل ناري آرزو شاهه جي وارثن جو آواز بڻجڻ بعد نيٺ پوليس مجبور ٿي واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. لکي غلام شاهه ڀرسان چڪ شهر ۾ ناري آروز شاهه کي ڪجهه ڏينهن اڳ سندس مڙس گهر جي ٻين ڀاتين سان گڏجي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن تي ناري پاران مزاحمت ڪرڻ تي سندس ڳلو ڪپي مرڻينگ ڪيو ويو هو. واقعي جي اطلاع بعد ناري جي والدين فوري طور تي کيس سکر جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو هو. ناري جي والد سيد ضمير شاهه پنهنجي نياڻي کي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرائي علاج ڪرائڻ دوران ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جوابدار بااثر هجڻ ڪري پوليس ڪيس داخل نه ڪيو. سنڌسماچار کي هڪ سماجي ڪارڪن صنم منگي معرفت www.sindhsamaachar.com کي معلومات ملي هئي. جنهن جي خبر ڇاپي هئي، جنهن سان گڏوگڏ سماجي رابطن جي ويب سائيٽس، ٽويٽر ۽ فيس بڪ تي خبر جاري ڪئي.

شڪارپور ضلعي جي چڪ شهر جي پوليس اسٽيشن تي ناري آرزو شاهه جي والد سيد ضمير شاهه جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر ۾  سَهُري سڪندر شاهه، مڙس عرفان شاهه، سسُ شاهجان شاهه ۽ نڻان آصفه بيبي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. تيز ڌار واري اوزار سان ڳلو ۽ ٻانهن ڪپيل ناريءَ جي حالت ٻيهر خراب ٿيڻ بعد کيس لاڙڪاڻي مان سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ناري جي والدين جو چوڻ آهي ته، آرزو بيبي کي ساهرن تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد تيز ڌار واري اوزار سان سندس ڳلو توڙي ٻانهن ڪپي ڇڏي آهي. (ناري جا والدين مسڪين هجڻ ڪري ناري جي علاج ڪرائڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن لاءِ سرندي وارن کي سندس علاج لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. ناري جا والدين سکر جي واري تڙ واري علائقي جا رهواسي آهن- سنڌسماءَچار سٿ)

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *