Thursday , April 25 2024

سنڌسرڪار۽ ڪراچي جي ميئر جون دعوائون برساتي پاڻي ۾ لڙهي ويون،روڊ رستا واهن ۽ شاخن جو ڏيک ڏيڻ لڳا

sindh assembly rain water

سانوڻي جي مينهن ڪراچي جي روڊن، رستن ۽ گهٽين کي واهن ۽ تلائن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهر جون 7 کان وڌيڪ انڊرپاسز به پاڻي جي تلائن ۾ تبديل ٿي ويون، مقامي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت پاران ”مڪمل انتظام“ واري دعويٰ کي برسات ٻن ڏينهن اندر عوام آڏو پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. ٿڌوڊيم، سميت مختلف نيون وهڻ جي نتيجي ۾ پاڻي ڪيترن ئي علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو، انتظاميا جي وس کان ڳالهه نڪري وڃڻ بعد پاڪ فوج، رينجرز ۽  نيوي جي جوانن شهر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جوڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

گڏاپ واري علائقي ۾ قائم ٿڌو ڊئم مينهنَ جي پاڻي سان ڀرجي وڃڻ بعد پاڻي اوور فلو ڪرڻ سبب بند ٽٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي اميربخش ڳوٺ، شهباز ڳوٺ ۽ سعدي گارڊن سميت مختلف آبادين ۾ پاڻي ڪاهي پيو، جتان جي رهواسين ابتدائي طور تي رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن مان پاڻي ڪڍيو ۽ سوين ماڻهو گهر خالي ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا.

Karachi barsat 006

ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل تفصيلن موجب ڪراچي جي 6 ئي ضلعن ۾ اربع ڏينهن منجهند کان شروع ٿيل برسات ڪالهه خميس ڏهاڙي پڻ وقفي وقفي سان جاري رهي، جنهن جي نتيجي ۾ بلديا، لياري، گلستان جوهر گلشن اقبال، ملير، نيپا، سفوران چورنگي، لانڍي، گڏاپ، ڪورنگي، اختر ڪالوني، قيوم آباد، گڏا مارڪيٽ، ڪالا پل، ڊفينس ويو، چنيسر ڳوٺ، اعظم بستي، محمود آباد، منظور ڪالوني، شاهراهه فيصل، نانگن چورنگي، آگره تاج، صدر ۽ ٻين علائقن ۾ روڊن تي پاڻي بيهجي ويو، ڪيترن ئي هيٺاهين وارن علائقن ۾ روڊن ۽ ڪالونين ۾ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، يونيورسٽي روڊ، راشد منهاس روڊ، شاهراهه قائدين، ايم اي جناح روڊ، نيپا، سفوران چورنگي، اسٽيڊيم روڊ، نيشنل هاءِ وي، ناگن چورنگي، لياقت آباد انڊر باءِ پاس ۽ ٻين اهم روڊن تي پاڻي ۾ گاڏيون ڦاسي بند ٿي ويون. جنهن ڪري ٽرئفڪ جام ٿيڻ سان گڏ شهرين کي وڏي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، ڪيترائي شهري پنهنجون گاڏيون بند ٿيڻ ڪري روڊن تي ڇڏي پيادل گهرن ڏانهن هليا ويا، موٽرسائيڪلن وارن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، کارادر ۾ برسات بعد گهٽين ۽ روڊن تي پاڻي بيهجي ويو، لياقت آباد ۾ گجر نالي جي ڪپرن تي رهندڙن ماڻهن کي ٻيڙين جي مدد سان ٻاهر ڪڍيو ويو، جن ۾ پيرسن، عورتون ۽ ٻار شامل آهن.

Karachi barsat 004Karachi barsat 002

برسات سبب سنڌ اسيمبلي بلڊنگ آڏو ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو پڻ پاڻي بيهجي ويو، برساتي پاڻي بيرڪن ۾ وزيرن ۽ سيڪريٽرين جي آفيسن ۾ داخل ٿي ويو. لياري ندي ۾ برساتي پاڻي ڀرجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ترقياتي ڪم لاءِ پيل سامان لڙهي ويو، گاڏيون به متاثر ٿيون. انڊا موڙ ويجهو ڪرنٽ لڳڻ ڪري هڪ سال جو ٻار فوت ٿي ويو. نيو ڪراچي گبول ٽائون ۾ ڪرنٽ لڳڻ ڪري 11 سالن جو نينگر فوت، اورنگي ٽائون جي فريد ڪالوني ۾ ديوار ڪرڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو، ٻيو شخص محمد نصير به گهر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو، لياري جي بهار ڪالوني ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب جاويداحمد فوت ٿي ويو. بلديا ٽائون جي ٻڪرا پڙي ۾ عظيم الحق ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو، بلديا جي 24 مارڪيٽ ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ ڪري هڪ محمد عظيم فوت، پراڻي سبزي منڊي ۾ ياسين نالي شخص ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو. بلديا ٽائون ۾ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري هڪ نوجوان فوت ٿي ويو، گلشن معمار سيڪٽر 4 ۾ عمارت مان ڪرڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. ذريعن موجب گذريل ڏينهن ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ ۽ ٻين واقعن ۾ 14 انساني جانيون ضايع ٿيون آهن.

Karachi barsat 003Karachi barsat 01Karachi barsat 001Karachi barsat 01Karachi barsat 005

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *