Saturday , April 20 2024

سمورا شهري 3 ڏينهن گهرن اندر رهن: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه

ڇنڇر، آچر ۽ سومر ڏينهن سمورا شهري گهرن ۾ رهي پاڻ کي آئسوليشن ۾ رکي ڪرونا جي روڪٿام ۾ سهڪار ڪن: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر سنڌ سماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته 21 کان 23 مارچ تائين ٽي ڏينهن پاڻ کي گهرن اندر آئسوليٽ ڪري ڪرونا جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي، رينجرز عملدارن، صحت جي عالمي اداري جي نمائندن، ايئرپورٽ، سول ايويئيشن جي نمائندن سميت ٻين ادارن جي نمائندن به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ صحت کاتي جي سيڪريٽري سنڌ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته هيل تائين صوبي ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مقامي سطح تي منتقل ٿيندڙ ڪيسز وڌڻ ڪري پريشاني ٿي رهي آهي، هن عوام کي اپيل ڪندي چيو ته ٽن ڏينهن تائين پنهنجو پاڻ کي آئسوليشن ۾ رکو، نه صرف پاڻ کي پنهنجن ٻارن ۽ دوستن کي هن موذي مرض کان بچايو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *