Friday , March 29 2024

سماجي اڳواڻ واجد لغاري ميرپور خاص پوليس هٿان ايم پي او تحت گرفتار

ميرپورخاص پوليس پهريان واجد لغاري کي کنڀي گم ڪيو، احتجاج بعد سندس ايم پي او تحت نظربندي ظاهر ڪري ڇڏي

ميرپورخاص(رپورٽر      سنڌسماءَچار) ميرپورخاص پوليس مشهور سماج سڌارڪ واجد لغاري کي ايم پي او تحت 30 ڏينهن لاءِ گرفتار ڪري ڊسٽرڪٽ جيل موڪلي  نظربند ڪري ڇڏيو آهي، واجد لغاري جي ڪار پوليس ڪمپليڪس ڀرسان لاوارث حالت ۾ ملي جنهن بعد وارثن احتجاج ڪيو ته پوليس واجد جي گرفتاري ظاهر ڪئي. بيبي مري ۽ ٻن ڪولهي شاگردن جي مبينا قتل ڪيس بابت انصاف لاءِ احتجاج ڪندڙ سماجي اڳواڻ واجد لغاري کي گرفتار ڪري ايم پي او تحت 30 ڏينهن لاءِ جيل اماڻي ڇڏيو آهي. ميرپورخاص جي سٽي ٿاڻي جي حد انڊر گرائونڊ پل وٽان پوليس سماجي اڳواڻ واجد لغاري کي رات دير سان انڊر گرائونڊ پل وٽان گرفتار ڪيو. جنهن جي ڪار انڊر گرائونڊ پل وٽان لاوارث حالت ۾ هٿ آئي. ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سماجي اڳواڻ واجد لغاري بيبي مري ۽ ٻن ڪولهي شاگردن جي مبينا قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج جي اڳواڻي ڪئي هئي. جنهن کي پوليس گهرو کاتي جي حڪم تي ايم پي او تحت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. سماجي اڳواڻ جي کنڀجي وڃڻ واري واقعي تي سڄاڻ ڌرين ۾ تاءُ پکڙجي ويو آهي. ايس ايس پي جاويد احمد بلوچ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته واجد لغاري کي گهرو کاتي جي حڪم تي ايم پي او قانون تحت 30 ڏينهن جي لاءِ تحويل ۾ ورتو آهي. جنهن کي ميرپورخاص جيل حوالي ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *