Friday , March 29 2024

”سليڪٽڊ وزيراعظم جو پاڪستان نه کپي“: بلاول ڀٽو زرداري

”سليڪٽڊ وزيراعظم جو پاڪستان نه کپي“: بلاول ڀٽو زرداري

سکر( رپورٽر  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ” نه کپي نه کپي، اسان کي سليڪٽڊ وزيراعظم جو پاڪستان نه کپي“، سکر پريس ڪلب ۾ تقريب، پريس ڪانفرنس سميت ٻين تقريبن دوران پ پ پ چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي قائد اعظم محمد علي  جناح ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وارو پاڪستان کپي، اسان کي کوڙ سارن شڪايتن باوجود به پنهنجي عدليا تي اعتماد آهي، ملڪي ادارا جيترا عمران خان جا آهن اوترا ئي منهنجا به آهن. بلاول جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جيترو ڪم سنڌ ۾ ڪيو آهي ان جو ٻين صوبن ۾ ڪو به مثال نه ٿو ملي، اين آءِ وي سي ڊي ۽ ايس آءِ يو ٽي اسپتالن جو نيٽ ورڪ سڄي سنڌ ۾ شروع ڪيو ويو آهي، جنهن سان سنڌ واسين کي سستو ۽ عالمي معيار جي علاج جون سهولتون مهيا ڪرڻ آهن، ايس آءِ يو ٽي ۽ اين آءِ وي سي ڊي سکر ۾ نه رڳو سنڌ پر ٻين صوبن جا ماڻهو به علاج ڪرائڻ اچن ٿا.

پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي ۽ مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته، نواز شريف کي سزا ڏيندڙ جج ارشد ملڪ جي عدالت ۾ آصف زرداري جو ڪيس ڇو موڪليو ويو، ان ڪو ته راز آهي، لڳي ٿو ته دال ڪجهه نه ڪجهه ڪارو آهي، احتساب عدالت جي جج جي وڊيو جون ڳالهيون ٻڌي رهيا آهيون، هاڻي ته ان کي عهدي تان به هٽايو ويو. بلاول چيو ته جج ارشد ملڪ کي هٽائڻ کانپوءِ سندس خلاف اڻڌري ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ جج ارشد ملڪ کي به پنهنجي صفائي ۽ دفاع جو پورو پورو آئين ۽ قانوني حق آهي جيڪو کيس ملڻ گهرجي. پيپلز پارٽي پاران سکر پريس ڪلب آڏو مهانگائي، بيروزگاري ۽ نوان ٽئڪسز لاڳو ڪرڻ خلاف هنيل ڌرڻي کي خطاب ڪندي بلاول ڇيو ته حڪمرانن ملڪ کي آءِ ايم ايف ۽ ٻين عالمي ادارن وٽ گروي ڪري رکيو آهي، ٽئڪسز لاڳو ڪرڻ سبب مهانگائي عوام جو جيئڻ  جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ماڻهن کي پاڻڀرو ڪيو، اسان نوجوانن کي بنا وياج جي قرض ڏئي رهيا آهيون، بينظير انڪ سپورٽ پروگرام کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *