Thursday , April 25 2024

سفاري پارڪ تفريحي ماڳ يا هٿيارن جو گدام….؟؟

Safari Park Arms 4

رينجرز سفاري پارڪ جي هڪ اسٽور روم تي ڇاپو هڻي دهشتگردن پاران لڪائي رکيل وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن، پوليس ۽ رينجرز مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 12 پرڏيهين سميت 23 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

Safari Park Arms 1Safari Park Arms 2

رينجرز ڪراچي جي تفريحي ماڳ سفاري پارڪ جي هڪ اسٽور روم تي ڇاپو هڻي دهشتگرد ڪاررواين لاءِ لڪائي رکيل وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو جٿ ڪري ورتو آهي.

رينجرز ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، سفاري پارڪ جي اسٽور روم مان هٿ ڪيل هٿيارن ۾ ايس ايم جي، ايل ايم جي، ڪلاشنڪوف، ايم 16، دستي بم، بلاڪ بم، بال بم ۽ هزارن جي تعداد ۾ گوليون شامل آهن.

رينجرز ترجمان موجب هٿ ڪيل هٿيار شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ها جنهن کي ناڪام بڻايو ويو آهي.

ٻي طرف ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 12 پرڏيهين سميت 23 جوابدارن کي گرفتار ڪري 4 هزار ليٽر ايراني ڊيزل ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

Safari Park Arms 3

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *