Friday , March 29 2024

سعودي ۽ يو اي اي پاران ملندڙ قرض، حقيقتون سامهون اچڻ لڳيون

سعودي ۽ يو اي اي پاران ملندڙ قرض، تي ٽي سيڪڙو وياج ڏيڻو پوندو:اسد عمر

آءِ ايم ايف اسان جو آخري آپشن ناهي: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پاران سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات کان ملندڙ قرض کي دوستي ۾ ملندڙ بنا شرطن وارو قرض قرار ڏئي رهي هئي، جنهن جي حقيقت ڪجهه ٻي ظاهر ٿي پئي آهي. سعودي ۽ گڏيل عرب امارات کان ملندڙ قرض تي ٽي سيڪڙو وياج ادا ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ملاقات دوران غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اسد عمر چيو آهي ته رڳو آءِ ايم ايف تي نٿا ڀاڙيون، جيڪڏهن پيڪيج نه مليو ته متبادل انتظام ڪري ڇڏيو آهي. معاشي ترقي لاءِ هم فيصلا ڪري رهيا آهيون، ادائيگين ۽ ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ گيپ پورو ڪري ورتو آهي. اسان جو سڄو دارومدار آءِ ايم ايف تي ناهي، آءِ ايم ايف معيشت ۾ بهتري لاءِ رڳو هڪ آپشن آهي. اسد عمر جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف ڪو غير معاشي شرط ناهي رکيو، انهن سان ڳالهيون اڃا هلندڙ آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان جيئن ئي سٺو پروگرام فائنل ٿيو ته معاهدو ڪري ڇڏينداسين پر متبادل ذريعن سان به فنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، سعودي عرب ۽ ايو اي اي جي قرض تي ڪو شرط ناهي، ٻنهي ملڪن جي قرض سان ملندڙ قرض تي وياج ادا ٿيندو، جنهن جي شرح ٽي سيڪڙو هوندي. سندس چوڻ هو ته بجلي ۽ گئس جو اگهه رڳو اميرن لاءِ وڌايو آهي، جولاءِ کان ڊسمبر 2018 تائين نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ 65 سيڪڙو رڪارڊ اضافو ٿيو، جڏهن ته گذريل سال مجموعي طور نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي 21 سيڪڙو وڌي. اسد عمر چيو ته ضمني فنانس بل ۾ سيڙپڪاري، ڪاروبار ۾ سولائي لاءِ قدم تجويز ڪيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *