Saturday , April 20 2024

سعودي ولي عهد پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي پهتل،20 ارب ڊالرز جا معاهدا

اسلام آباد (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزاو محمد بن سلمان پهريون ڀيرو پاڪستان جي دوري تي پهتل آهي، پاڪستان ياترا تي اسلام آباد پهچڻ کان اڳ ۾ ئي شحزادي جي جهاز کي ايف 16 ۽ ايف جَي 17 ٿنڊر جهازن حفاظتي حصار ۾ ورتو، نور خان ايئر بيس تي وزيراعظم، آرمي چيف ۽ ٻين ولي عهد جو شاندار استقبال ڪيو، وزيراعظم هائوس ۾ گارڊ آف آنر پيش. سعودي ولي عھد محمد بن سلمان ٻن ڏينھن جي دوري تي پاڪستان ياترا تي پهتل آهي. سندس شاندار استقبال ڪيو ويو جڏھن ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ 20 ارب ڊالرز جا معاھدا ڪيا ويا آھن. سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ اسٽينڊرائيزيشن جي شعبي ۾ ٽيڪينيڪل سھڪار، نوجوانن جي معاملن ۽ راندين جي شعبي ۾ سھڪار جا معاھدا ڪيا ويا. ٻنھي ملڪن بجلي جي پيداوار واري شعبي ۽ معدني وسيلن جي شعبي ۾ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون، ريفائنري پيٽروڪيميڪل پلانٽ جي قيام ۽ متبادل توانائي جي ترقي لاءِ مفاھمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان ۾ سعودي آئل ريفائنري پيٽروڪيميڪل ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. سعودي ساليانو پاڪستان کي 1.20 ارب ڊالر ڏيندو، ٻنھي ملڪن ۾ معاھدن لاءِ ٿيل تقريب ۾ سعودي ولي عھد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم عمران خان سميت لاڳاپيل وزير ۽ عملدار موجود ھئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *