Thursday , April 25 2024

سعودي عرب پاران پاڪستان ۾ زڪوات ۽ فطري تحت رليف پروجيڪٽ شروع

پنجاب جي لاهور، فيصل آباد، ساهيوال ۽ خانيوال ضلعن،  خيبر پختونخوا صوبي جي لڪي مروت، ٽانڪ، لوئر دير، باجوڙ ۽ ڊيرا اسماعيل خان ضلعن ۾ امداد ورهائي ويندي

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ    سنڌسماءَچار) سعودي  حڪومت پاڪستان ۾ ڪنگ سلمان رليف سينٽر (ڪي ايس آر سي )پاڪستان ۾ زڪوات ۽ فطرو پروجيڪٽ شروع ڪري ڇڏيو آهي، منصوبي هيٺ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا صوبن ۾ امداد ورهائي ويندي. سعودي حڪومت جي ڪي آر سي جي اسلام آباد ۾ قائم پاڪستاني آفيس پاران جاري ڪيل هڪ ليٽر موجب ڪنگ سلمان رليف سينٽر ( ڪي ايس آر سي ) جيڪو دنيا جي 59 ملڪن ۾ زڪوات ۽ فطري جي رقم مان فلاحي ڪم ڪري ٿو. هن  سال ڪي آر سي پاران پاڪستان جي ٻن صوبن پنجاب ۽ ڪي پي جي 9 ضلعن ۾ زواڪت ۽ رليف منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي، دنيا جي 59 ملڪن ۾ اتان جي مقامي حڪومتن جي انتظامي سهڪار ذريعي مستحق ماڻهن ۾ امدادي سامان ورهايو ويندو.

ڪي ايس آر سي جي زڪوات ۽ فطري پروجيڪٽ تحت پنجاب ۽ ڪي پي جي 9 ضلعن جن ۾ پنجاب جي لاهور، فيصل آباد، ساهيوال ۽ خانيوال ضلعن،  خيبر پختونخوا صوبي جي لڪي مروت، ٽانڪ، لوئر دير، باجوڙ ۽ ڊيرا اسماعيل خان ضلع شامل آهن، انهن ۾  هڪ لک 14 هزار 192 مستحق ماڻهن ۾ چانورن جا ٿيلها ورهايا ويندا. جاري ڪيل ليٽر مطابق، ڪرونا وائرس جي وبا کي نظر ۾ رکندي ماڻهن جي هجوم گڏ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ امدادي چانورن جو ٿيلهو سمورن مستحق ماڻهن جي گهر تائين پهچايو ويندو. پنجاب جي لاهور، فيصل آباد، ساهيوال ۽ خانيوال ضلعن،  خيبر پختونخوا صوبي جي لڪي مروت، ٽانڪ، لوئر دير، باجوڙ ۽ ڊيرا اسماعيل خان ضلعن ۾ لاڳاپيل صوبائي ۽ مقامي انتظاميا جي سهڪار سان امدادي سامان ورهايو ويندو. امدادي سامان ۾ 440 ٽن چانور جا 19 هزار 32 ٿيلها شامل آهن، جيڪي ڪي پي ۽ پنجاب صوبي جي هڪ لک 14 هزار 192 مستحق ماڻهن جي گهرن تائين پهچايا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *