Thursday , March 28 2024

سعودي عرب يمن جون سرحدو بند ڪري ڇڏيو، عام ماڻهن جي بک ۽ بدحالي ۾ مرڻ جو خدشو

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي عرب پاران سرحدون بند ڪرڻ کانپوءِ يمن ۾ انساني بحران جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، عام واهپي جي شين جا اگهه وڌي ويا آهن، صورتحال تي گڏيل قومن ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. سعودي عربپاران  رياض تي ميزائل حملي جي رد عمل ۾ يمن سان لڳندڙ سرحدون توڙي هوائي ۽ سامونڊي رابطا عارضي طور تي ختم ڪرڻ کانپوءِ يمن ۾ کاڌ خوارڪ جي شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿي ويون آهن.

يمني شهرين جو چوڻ آهي ته سرحدون بند ٿيڻ کانپوءِ هو دنيا کان ڪٽجي ويا آهن ۽ مهانگائي سبب کاڌ خوراڪ جون شيون خريد ڪرڻ مسئلو بڻجي ويو آهي. ٻئي طرف اهڙي صورتحال تي گڏيل قومن سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته سرحدون بند ٿيڻ کانپوءِ يمن جي شهرين کي دوائون ۽ کاڌ خوراڪ جون شيون پهچائڻ مسئلو بڻيل آهي. سعودي اتحاد جو چوڻ آهي ته يمن جا زميني، هوائي توڙي سامونڊي رستا عارضي طور بند ڪيا ويا آهن. ٻه ڏينهن اڳ رياض ۾ خالد بن وليد ايئرپورٽ تي يمن مان ميزائل حملو ڪيو ويو هو، جنهن جي رد عمل ۾ سعودي اتحاد يمن جون سرحدون عارضي طور بند ڪري ڇڏيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *