Friday , March 29 2024

سعودي عرب جي شاهي خاندان ۾ بغاوت جي ڪوشش

سعودي بادشاهت تي قبضي جي ڪوشش ناڪام، 3 شهزادا گرفتار، ڪجهه واپاري اڳ ۾ ئي حراست هيٺ

 ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيس ) سعودي عرب جي حڪومت ۽ شاهي خاندان ۾ بغاوت واريون ڪوششون ناڪام بڻجي ويون آهن، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعودي حڪومت جي فرمانروا شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي سميت ٽي شهزادا بغاوت جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا ته اهڙي اطلاع تي کين گرفتار ڪيو ويو. امريڪي اخبار پنهنجي خبر ۾ چيو آهي ته، شاهه سلمان جي ڀاءُ شهزاد احمد بن نائف سندس ڀائيٽي شهزادا محمد بن نائف پاران خاندان ۽ حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ جي سازش سٽڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش واري سازش جي الزام هيٺ ڪالهه جمعي ڏينهن حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جي جي دعويٰ  هي ته سعدوي شاهي عدالت ماضي ۾ به سعودي جي شاهي بادشاهت / تخت سنڀالڻ جي ممڪنه دعويداري ڪندڙ ٻن ڄڻن تي؛ شاهه ۽ ولي عهد  کي هٽائڻ جي بغاوت جي منصوبه بندي ڪرڻ جو الزام لڳائي چڪي آهي، جيڪڏهن اهو الزام مٿن ثابت ٿيو ته عمر قيد/ جيئري رهڻ تائين ، جي سزا ملندي. تازيون ڪيل گرفتاريون، ولي عهد محمد بن سلمان پاران شروع ڪيل ڪريڪ ڊائون جي منصوبي جو حصو آهن، جنهن مشهور مذهبي عالمن ۽ سرگرم اڳواڻن سان گڏ شهزادن ۽ ڪجهه ڪاروباري  ماڻهن کي به حراست ۾ وٺي بادشاهت ۽ حڪمراني تي پنهنجي طاقت وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *