Thursday , April 25 2024

سرڪاري رڪارڊ کان رهجي ويل ڪرونا جا 8 هزار کان وڌيڪ مريض!

ڪراچي نجي اسپتالن ۾ ڪرونا ٽيسٽ جي مريضن ۾ ڏينهون ڏينهن، واڌ ٿيڻ لڳي، صحت کاتو نجي اسپتالن جي انگن اکرن کان بي خبر بڻيل

ڪراچي(رپورٽ آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو هڪ وڏو انگ اهڙو آهي جيڪو سنڌ حڪومت جي ڪووڊ19 جي ڳڻپ کان ٻاهر، سنڌ حڪومت ۽ هڪ نجي اسپتال جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق سنڌ ۾ هن وقت به 8 هزارن کان وڌيڪ اهڙا مريض موجود آهن، جيڪي سنڌ حڪومت جي رڪارڊ ۾ شامل نه آهن. سنڌ ۾ ڪرونا پازيٽو مريضن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي، ڪرونا جي مريضن بابت سنڌسماءَچار پاران انگ اکر گڏ ڪرڻ بابت صحت کاتي جي هڪ ذميوار آفيسر ۽ هڪ مشهور نجي اسپتال جي هڪ سينئر ڊاڪٽر کان مليل معلومات مطابق، سنڌ اندر خاص طور تي ڪراچي ۾ ڪرونا پازيٽو آيل مريضن جو وڏو تعداد موجود آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي رڪارڊ تي موجود ئي ناهي، اهڙن مريضن جي  تصديق گذريل ٻن هفتن دوران نجي اسپتالن ۾ ٿيندي رهي آهي، جتي اڪثريت اهڙن مريضن جي آهي جيڪي ڪووڊ19 جي شڪ ۾ پنهنجي ٽيسٽ ڪرائڻ پهتا ۽  ٻيا اهڙا آهن جيڪي مختلف بيمارين سبب اسپتالن ۾ داخل ٿيا ۽ ٻين ٽيسٽن کان اڳ سندن ڪرونا جي تيسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ ڪرونا پازيٽو آئي.

صحت کاتي جي هڪ ذميوار آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ وڏين نجي اسپتالن جي ليبس ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو ڪووڊ19 جو ٽيسٽ ڪرائي رهيا آهن، هن ٻڌايو ته گذريل ٻن هفتن دوران نجي اسپتالن ۽ انهن جي ليبارٽريز جي چين جيڪي مختلف شهرن ۾ قائم آهن جي رپورٽس مطابق هڪ اندازي مطابق ڪرونا پازيٽو رپورٽس جو تعداد 8 هزارن کان وڌيڪ آهي، جن ۾ ساڍا 7 هزار کان وڌيڪ مريضن جو تعلق ڪراچي سان آهي، انهن مان هڪ سئو جي لڳ ڀڳ اهڙا آهن جيڪي سنڌ جي ٻين شهرن مان ڪراچي جي مختلف جي اسپتالن مان ڪرونا ٽيسٽ ڪرائڻ آيا، ڪووڊ19 جي تصديق ٿيڻ بعد اهي يا ته اسپتالن ۾ داخل آهن يا وري اهي پنهنجي گهرن اندر آئسوليٽ ٿي ويا آهن، ڪجهه ماڻهو ڪراچي شهر جي نجي گيسٽ هائوسز، هوٽلز ۾ به قرنطينا ٿيل آهن.

ان  ئي سلسلي ۾ گلشن اقبال ۾ قائم هڪ نجي اسپتال جي سينئر ڊاڪٽر  سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، گلشن اقبال جي هن اسپتال ۾ روزانو 20 کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا جي ٽيسٽ ڪرائين ٿا، جن مان سراسري طور 5 ڄڻن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو ايندي آهي، هُن ٻڌايو ته هُو شهر جي ٽن ٻين اسپتالن ۾ به ڪنسلٽنٽ طور ويهندو آهي جتي به لڳ ڀڳ ساڳئي صورتحال آهي. شهر جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ قائم هڪ وڏي اسپتال ۾ ليبارٽري انچارج ٻڌايو ته جنهن اسپتال ۾ هُو ڊيوٽي ڪندو آهي ان ۾ روزانو 40 کان 60 تائين ڪووڊ19 جون ٽيسٽ ٿينديون آهن 10 جي لڳ ڀڳ ٽيسٽون پازيٽو اچن ٿيون، انهن مان اڪثر ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ئي ڪورنٽائين ٿيڻ کي ترجيح ڏين ٿا، جيڪڏهن ڪنهن جي طبيعت وڌيڪ خراب هجي ٿي ته ان کي اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو.

ڪرونا جي وبا چوٽ چڙهيل، انڊس اسپتال 300 ملين رپيا  ملڻ باوجود ڪرونا جي مريضن لاڊ در بند ڪري ڇڏيا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *