Saturday , April 20 2024

سرڪاري سرپرستي هيٺ ميرپورخاص ۾ تحقيقاتي زرعي فارم ۾ سوين وڻن جو قتل

MIrpurkhas 01

ميرپور خاص شهر ڀرسان 78 ايڪڙن تي زراعت کاتي جي انتظامن هيٺ قائم هارٽيڪلر ريسرچ فارم ۾ سنڌ سرڪار جي سرپرستي هيٺ سوين وڻن جو قتل ڪيو ويو آهي. ماحوليات ۽ زراعت کاتي سميت ڪنهن به لاڳاپيل اداري پاران ڪو به تحرڪ ناهي ورتو ويو. سننڌ حڪومت پاران ”شهيد بينظير ڀٽو ڪالوني“ ٺاهڻ لاءِ چيڪو، ليمن، انبن ۽ ڄمون جي وڻن واري سنڌ هارٽيڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ سيڊ فارم ۾ قتلِ عام شروع ڪيو ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سوين وڻن کي سرڪاري سرپرستي هيٺ قتل ڪيو ويو آهي.

وڻن جي قتل ۽ سنڌ هارٽيڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ سيڊ فارم ۾ اهڙو قتل عام ان وقت به جاري رهيو جڏهن سنڌ جي زراعت ۽ گهرو کاتي جو صوبائي وزير سهيل ان ور سيال به ميرپور خاص ۾ م وجود هو. سهيل انور سيال انبن جي نمائش واري سالياني تقريب جي افتتاح لاءِ جمعي واري ڏينهن ميرپور خاص پهتو هو، جيڪو اڃا تائين اتي موجود آهي. ميرپورخاص جي هڪ مقامي صحافي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، “جيستائين وڻن جو قتل عام مڪمل نه ڪيو ويندو گهرو وزير ميرپور خاص ضلعي يا ڀرپاسي جي ڪنهن ضلعي ۾ ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان موجود رهندو.

MIrpurkhas 03

انبن سميت مختلف ميوون تي تحقيق ۽ انهن جا نوان ٻج پيدا ڪرڻ لاءِ تحقيق لاءِ 1904 ۾ قائم ڪيل ميرپور خاص فارم نه رڳو هڪ اهم ريسرچ فارم آهي پر ان جي هڪ تاريخي حيثيت به آهي. سنڌ جي زراعت کاتي جي هڪ آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، ميرپور خاص فارم جي وڻن جي واڍي بابت نالي ماتر ئي صحيح ڪا به لک پڙھ به ناهي ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته ايندڙ هفتي پراڻين تاريخن ۾ ڪو نوٽيفڪيشن يا ڪجهه خط ڪتابت جو بندوبست ڪرڻ  لاءِ ڊرافٽنگ جي ڪجھ ماهر آفيسرز جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن.

ميرپور خاص هارٽيڪلر ريسرچ اينڊ سيڊ فارم واري زمين تي رهائشي ڪالوني جي بهاني سان ان جي تباهي بابت وڌيڪ تفصيل به سنڌسماءَچار جي پڙهندڙ لاءِ پيش ڪيا ويندا. فارم جي تباهي بابت سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته، بي گهر ماڻهن کي شهيد بينظير ڀٽو ٽائون يا ڪالوني جي نالي تي مفت پلاٽ ڏيڻ لاءِ فارم واري زمين تي بي گهر ماڻهن کي گهرن لاءِ مفت پلاٽ ڏيڻ لاءِ  ميرپور خاص ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ قائم ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *