Friday , April 19 2024

سرڪاري اشتهارن تي خرچ جا تفصيل طلب، سياسي پارٽين جي شخصيتن جا فوٽو لڳائڻ تي پابندي لاڳو

ڪراچي ( رپورٽر  سنڌسماءَچار ) سپريم ڪورٽ سرڪاري اشتهارن تي خرچ ڪيل ڏوڪڙن جا سمورا تفصيل پيش جو جو حڪم ڏيندي سرڪاري اشتهارن تي سياسي پارٽين جي اڳواڻن جا فوٽو شامل ڪرڻ/فوٽو ڇاپڻ پابندي هڻي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ قائم بئنچ سرڪاري اشتهان ۾ سياسي پارٽين جي اڳواڻنن جا ڦوٽو ڇاپڻ/شامل هجڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس حڪم جاري ڪيو ته، 4 اپريل تائين شهر مان سمورن سياسي اڳواڻن جي تصويرن وارا پينافليڪس/بئنرز ۽ وال پوسٽرز هٽايا وڃن. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سرڪاري اشتهارن ۾ سياسي اڳواڻن جي تصويرن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سُڌسماءَ واري کاتي جو سيڪريٽري عمران سومرو ۽ ٻيا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا. سُڌ سماءَ واري کاتي جي سيڪريٽري اشتهارن بابت هڪ رپورٽ جمع ڪرائي، جنهن تي عدالت مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت سيڪريٽري عمران سومرو کان پڇاڻو ڪيو ته،اسان توهان کان سنڌ سرڪار جي اشتهارن بابت رپورٽ طلب ڪئي هئي، توهان اسان کي پراڻي رپورٽ پيش ڇو ڪري رهيا آهيو؟  چيف جسٽس سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته پنجن سالن ۾ ڪيترا اشتهار جاري ڪيا ويا؟ اشتهارن تي ڪيتري رقم خرچ ڪئي وئي؟ اشتهارن تي ڪهڙن سياسي اڳواڻن جون تصويرون لڳايون ويون؟ ڪيترا اشتهار اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز تي هلايا ويا؟اوهان ڪنهن  به سوال سڌو ۽ چٽو جواب ئي ناهي ڏنو. جسٽس ثاقب نثار چيو ته سرڪاري فنڊن تي جهنڊن تي سياسي اڳواڻن جون تصويرون ڏٺيون آهن، پاڻ ڏٺو ته سرڪاري جهنڊن تي به سياسي اڳواڻن جون تصويرون آهن.  چيف جسٽس چار اپريل تي سياسي اڳواڻن وارا سرڪاري جهنڊا هٽائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته چيف سيڪريٽري حلفي بيان ڏي ته ان حوالي سان جيڪي رقم خرچ ٿي اها سرڪاري ناڻي ۾ جمع ڪرائي ويندي ۽ سمورن اشتهارن ۽ پئسن جا تفصيل پيش ڪندو.  جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن سياسي ليڊر جي تصوير سرڪاري خرچ تي شايع نه ٿيڻ گهرجي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪجهه ڏينهن دوران رپورٽ ڏئي ڇڏيندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *