Tuesday , April 23 2024

سجاول: سول اسپتال ۾ بيمار ناري جو 6 ڪلاڪن تائين علاج نه ٿيو، تڙپي تڙپي مري وئي

sijawal girl

سول اسپتال سجاول ۾ علاج لاءِ آندل 20 سالن جي نوجوان ناري 6 ڪلاڪن تائين اسپتال اندر تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، ڊاڪٽرن کيس هڪ گوري به نه ڏني، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، نعريبازي، ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولينس نه ڏني وئي، فوت ٿيڻ بعد ڊاڪٽرن کيس ايمبولينس ڏئي لاش ڳوٺ روانو ڪري ڇڏيو. سماجي اڳواڻن جو اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج.

ڇنڇر ڏهاڙي گذريل ڏينهن سجاول ڀرسان ڳوٺ نورمحمد ٽانڊائي جي رهواسڻ 20 سالن جي نوجوان ناري مسمات روزان  کي ڳلي ۽ مٿي ۾ سور جي تڪليف هئڻ سبب علاج لاءِ سندس بيواھ امڙ مسمات سڪينه ٽانڊائي سول اسپتال سجاول وٺي آئي ته ڊاڪٽرن سندس علاج نه ڪيو، مريضه کي هڪ گوري به نه ڏني وئي عورت صبح 8 وڳين اسپتال پهتي 6 ڪلاڪن تائين شديد سور سبب تڙپندي ۽ دانهون ڪندي رهي، سندس پوڙهي امڙ اسپتال انتظاميا کي منٿون ڪندي رهي پر عملي کي ترس نه آيو، آخرڪار منجهند 2 وڳين نوجوان ناري اسپتال اندر فوت ٿي وئي. نوجوان ڌيءَ جي فوت ٿيڻ تي بيواھ پيرسن امڙ چرين جيان لاش کي چنبڙي مدد لاءِ منٿون ڪندي رهي، اطلاع تي فوتڻ جا وارث به اسپتال پهتا ۽ وڏي انگ ۾ شهري پڻ گڏ ٿي ويا، وارثن عورت جو لاش اسپتال آڏو رکي ڌرڻو هنيو ۽ اسپتال انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، فوتڻ جي وارثن ولي محمد، صديق، علي بخش، اجمل، سومار گل حسن، قاسم ٽانڊائي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي ناري کي صبح 8 وڳين اسپتال آندو ويو هو، منجهد 2 وڳين تائين تڙپندي  ۽ دانهون ڪندي رهي پر سندس علاج نه ڪيو ويو کيس سور ختم ڪرڻ جي هڪ گوري به نه ڏني وئي.

وارثن ميڊيا جي نمائند آڏو دانهيندي چيو ته ناري 6 ڪلاڪ دانهون ڪرڻ بعد فوت ٿي وئي، سندن چوڻ هو ته اسپتال انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي، فوتڻ ناري جي پيرسن بيواھ امڙ مسمات سڪينه ٻڌايو ته مسڪين آهيون، منهنجو مڙس وفات ڪري ويو آهي، نياڻي کي اسپتال آڻڻ لاءِ گاڏي جي ڀاڙي جا پئسا نه هئا گهر جون ڪڪڙيون 500 رپين ۾ وڪڻي ڀاڙو ڪري نياڻي کي اسپتال آندو. اسپتال پهچڻ بعد اتي موجود ڊاڪٽر چيو ته، اسپتال ۾ دوائون ناهن هن جو علاج هتي نه ٿي سگهندو، کيس ڪراچي اسپتال کڻائي وڃو. هن روئندي ٻڌايو ته ڀاڙي جا پئسا نه هجڻ ڪري ڪراچي اسپتال نه وڃي سگهياسين، ڊاڪٽرن کي منٿون ڪيو پر کين ترس نه آيو ۽ منهنجي اکين اڳيان نياڻي تڙپي تڙپي دم ڏنو، هوڏانهن اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر امير شاھ رابطي ڪرڻ تي فون اٽينڊ نه ڪيو، مقامي صحافين پاران به رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ايم ايس رابطي ۾ نه اچي سگهيو.

اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر جيٺانند رابطو ڪرڻ تي ناري کي ڳلي ۾ ڪينسر هئي جنهن ڪري کيس ڪراچي منتقل ڪرڻ جو چيو ويو پر هو ڪراچي نه ويا، جنهن سبب ناري فوت ٿي جڏهن ته شهرين ۽ وارثن ڊاڪٽر جي بيان کي رد ڪندي چيو ته بنا ڪنهن ليبارٽري چڪاس جي ڊاڪٽرن پاران ڪينسر هئڻ جو جواز ڄاڻائي علاج نه ڪرڻ قابل مذمت آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *