Friday , March 29 2024

سجاد جوکيو جا قاتل ايس ايڇ او سرور زرداري قانون جي هٿن کان پري، جسقم احتجاج جاري

قاضي احمد ( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) قاضي احمد ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام سرور زرداري جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويل نوجوان سجاد جوکيو خلاف اڇا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي سگهي، آءِ جي سنڌ به معاملي جو اڇا تائين نوتيس ناهي ورتو، وارثن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ انٿهائي بااثر آهي انڪري سندس خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي. نوجوان جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي جسقم پاران هڪ هفتي کان احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

قاضي احمد پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل سجاد جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ جسقم پاران 7 هين ڏينهن به احتجاجي  مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعري بازي ڪئي وئي ڊاڪٽر الهرکيو ڪلهوڙو، ذڪر الله جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب دولتپور صفن اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته قاضي احمد پوليس جي ايس ايڇ او ۽ سندن ٽيم نوجوان کي بيگناهه کنڀي قتل ڪيو آهي، جنهن جو ڪيس داخل هئڻ باوجود جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سجاد جوکيو جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *