Friday , March 29 2024

ساڍا 38 ڪروڙن جي ڪرپشن، ڊي سي بدين 7 ساٿين سميت اسلام آباد مان ٻڌجي ويو – ملير جي ميڊيا سان تعلق رکندڙ شخص کان به پڇاڳاڇا ٿيندي: ذريعا

اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌ سماءَ چارنيوز) نيب ڪراچي جي ٽيم اسلام آباد ۾ ڪارروائي ڪري، 38 ڪروڙ 50 لک رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ڪيس ۾ ڊي سي بدين شوڪت حسين جوکيو کي 7 ساٿين سميت ٻڌي ورتو آهي. نيب ڪراچي جي ٽيم اسلام آباد ۾ ڪارروائي ڪري ملير جي 77 ايڪڙ قيمتي زمين غير قانوني طور وڪرو ڪرڻ واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پاران ضمانت رد ڪرڻ بعد کين گرفتار ڪيو.

گرفتار جوابدارن جي سپريم ڪورٽ ضمانتن واري درخواست رد ڪئي ته اتي موجود نيب جي ٽيم هاڻوڪي ڊي سي بدين ۽ تڏهوڪي ڊي ڊي او روينيو بن قاسم ٽائون شوڪت جوکيو، اڳوڻي ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو الهبچايو چانڊيو، بن قاسم جي ٽن تڏهوڪن مختيارڪارن صابر  حسين ميراڻي، علي شير ميراڻي، نذير امين مقبول ميمڻ ۽ پٽيوالو نذير احمد ملڪاڻي شامل آهن.

جوابدارن تي الزام آهي ته، هنن ملير جي ديهه ريڙهي جي 77 ايڪڙ قيمتي سرڪاري زمين غير قانوني طور روينيو کاتي جي پٽيوالي نذير احمد ملڪاڻي جي نالي تي الاٽ ڪئي. غير قانوني طريقي سان زمين الاٽ ڪرڻ بعد مختلف ماڻهن کي وڪرو ڪري ڇڏي. جنهن سان خزاني کي اربين رپين جو نقصان پهتو.

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته، گرفتاري کانپوءِ شوڪت جوکيو ساڻس ڪنهن به قسم جي سختي نه ڪرڻ جي شرط تي ٻين معاملن بابت به ڄاڻ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب شوڪت جوکيو جي گرفتاري بعد بن قاسم ٽائون ۽ گڏاپ ٽائون جي زمينن جي الاٽمينٽ ۽ کاتن جي تبديلين بابت ملير سان ئي واسطو رکندڙبااثر ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل هڪ شخص کان به پڇاڳا جو امڪان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *