Wednesday , April 24 2024

ساهتي پرڳڻي نوشهروفيروز جي شهر هالاڻي ۾ سنڌ جي تعليم رتورت ٿي پئي

ڪراچي (سٽون: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ساهتي پرڳڻي نوشهرو فيروز جي قديمي شهر هالاڻي جي پرائمري اسڪول ۾ سنڌ جي تعليم ۽ سنڌ جو مستقبل گهائجي رتورت ٿي پيو آهي، سنڌ جي حڪمرانن جي هانوَ کي اڃا تائين ڪائي جهِٻَ ناهي آئي. جنهن جو ڪارڻ سنڌ جي سڀ کان وڏي ۽ ٽيون ڀبيرو وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ آهي. سنڌ جي اڪثريتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت جي خون واري قرض لاهڻ عيوض مليل ووٽن جي بدلي ۾ ٽيون ڀيرو اقتدار ۾ آيل پارٽي جي حڪومتي صوبي سنڌ ۾ ٻين ڪيترن ئي نعمتن سان گڏ سنڌ جي تعليم رتورت ٿي پئي آهي. شهيدن جي خون جي قرض عيوض حاصل ڪيل حڪومت خلاف؛ هالاڻي جي هڪ پرائمري اسڪول جي هڪ زبون حال اسڪول جي ڪلاس روم جي ڇت ان ٽيون ڀيرو حڪمراني ۾ آيل پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت خلاف گهري سازش ڪئي ۽ ان پوڙهي ڇت پنهنجا چاپڙ معصوم ٻارن جي مٿان اڇلايا يا ائين کڻي چئجي ته ان زبون چت مستقبل ۾ شهيدن جي خون جو قرض لاهڻ لاءِ ووٽ ڏيندڙن کي قتل ڪرڻ جي سازش سِٽي، پر اها اسڪول جي ڇت ۽ ان جا چاپڙ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويا.

ڇت جي چاپڙن جي ان ناڪامي ۾ شهيدن جو قرض لاهيندڙن جي اولاد جنهن کي مستقبل ۾ شايد اڃا ان قرض کي لاهڻو آهي انهن کي رڳو گهايو آهي ۽ اُهي رتورت ٿي پيا. جيئن ته اُها به مخالفن ۽ سماجي رابطن جي مختلف سائيٽس جي سازش هئي انڪري شهيدن جي پارٽي ۽ حڪمراني ڪندڙ انهن شهيدن جي وارثن کي نه ته ڪا پرواهه آهي ۽ نه وري سندن ڪن تي ڪا جونءَ چرڻ جو امڪان نظر اچي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *