Thursday , April 25 2024

سانوڻي جي مينهن سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي، سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪن تي جونءَ به نه چُري

ميرپورخاص ڊويزن ۾ مينهن تباهي مچائي ڇڏي،هزارين ماڻهو بي گهر، کاڌي پيتي جي سخت کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو

وڏي وزير پاران اعلانيل رين ايمرجنسي چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن لاءِ ڪاغذ جو ٽڪرو ثابت، ڪير گهران نه نڪتو

ميرپورخاص ( خاص نمائندو  سنڌ سماچار) سانوڻي جي برسات ڪراچي کانپوءِ ميرپور خاص، بدين، ٺٽو، ٿرپارڪر، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ضلعن ۾ تباهي مچائي ڇڏي، سوين ڳوٺ مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي ويا، هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل مڪمل طور ٻڏي ويا آهن، سر بچائي لڏپلاڻ ڪندڙ متاثر علائقن جا رهواسي بي يارو مددگار ويٺل آهن، سمورن علائقن جو ڪو به چونڊيل عوامي نمائندو  وٽن لڙي ناهي آيو. وڏي وزير مراد علي شاهه پاران  اعلانيل رين ايمرجنسي ۽ هنگامي بنيادن تي ريليف وارو اعلان نوٽيفڪيشن تائين ئي محدود رهجي ويو هي، وڏي وزير جي اهڙي اعلان کي سنڌ ڪابينا جي ميمبرن، پ پ جي چونڊيل ايم پي ايز به صرف نوٽيفڪيشن ۽ سکڻو اعلان سمجهي وساري ڇڏيو آهي. حيدرآباد ڊويزن جي ڪجهه ضلعن ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ سانوڻي جي طوفاني مينهن سبب واهن شاخن ۽ سم نالن کي هنڌين ماڳين پيل گهارن به رهواسين جا سور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن.

نبي سر روڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز مينهن سبب هاڪڙي ڍوري کي مختلف هنڌن تان گهارا پئجي ويا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آحن، گهارن ۽ مينهن جو پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب رهواسي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. اهڙي طرح جهڏي ويجهو پران ڍوري جو پاڻي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ داخل، پاڻي سطح ۾ لاڳيتو واڌ جي ڪري انتظاميا ڳوٺ رمضان خشڪ خالي ڪرائي ڇڏيو، متاثرن جي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي جاري، کور واهه ۾ سم نالي کي لڳل گهارو 60 فوٽ ٿي ويو.

پاڻي مختلف ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو، آبپاشي عملدارن تحرڪ نه ورتو، حيدرآباد ڀرسان ايل بي او ڊي سم نالي کي لڳل گهارو بند نه ٿيو، ڪيترائي ڳوٺ خوف وچان خالي ٿي ويا. سمورن متاثر علائقن  جي رهواسين جو چوڻ آهي ته آبپاشي کاتي جا عملدار توڙي مقامي انتظاميا ڪٿي به ن ظر نه پئي اچي، جنهن سبب وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو، ماڻهن جون حياتيون به خطري ۾ آهن. نوابشاهه، قاضي احمد، نوشهرو فيروز، ڪنڪوٽ، نارو، سکر سميت سڄي سنڌ ۾ طوفاني برسات سبب پاڻي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ بيهجي ويو آهي، جنهن جي نيڪال لاءِ ضلعي انتظاميا ڪو به قدم ناهي کنيو. لاڙڪاڻي ۾  به برسات جو بيٺل نيڪال ناهي ڪيو ويو.

جوهي، واهي پانڌي، سميت مختلف علائقن ۾ برسات جو بيٺل پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، نه ئي برسات متاثرن جي ڪا واهر ٿي سگهي آهي. دادو ضلعي جا چونڊيل نمائندا به هڪ هفتو گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪٿي نظر ناهن آيا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *